آئين ٽوڙڻ تي اسان جي شرافت ختم سمجهو،چيف جسٽس جا فيصلا فرعون وانگر آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عدليه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهي فرعون وانگر ويهي آئين جي مرضي جي تشريح ڪن ٿا، اهي فيصلا لکن ٿا ته آئين ٽوڙين ٿا، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن  چيو ته  اسان جا اتحادي هڪ ٻئي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي وساري ويهن ٿا ، افتخار چوڌري هن ملڪ تي عدالتي آمريت قائم ڪئي ، تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو اڳوڻن آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي، هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها، 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ قانون تحت ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ عدليه جي حوالي سان بل جي پهرين خواندگي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته اسان عدليه کان بليڪ ميل ٿيندا رهيا آهيون،2018ع کان وٺي هن ايوان جي توهين ٿي رهي آهي، هڪ ادارو وزيراعظم خلاف سازش ۾ شامل آهي، هن چيو ته اسان جي ادارن ۾ ڪجهه آئن اسٽائن ويٺل آهن ۽ هن ملڪ جا فيصلا ڪن ٿا، شرافت سان سياست ڪرڻ چاهيون ٿا پر آئين ٽٽڻ تي شريف نه رهنداسين،  پاڪستان هن وقت مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان معاشي، جمهوري، آئيني بحرانن سميت دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، هن وقت تاريخ جي بدترين مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جيڪو بحران پيدا ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي؟ جنرل حميد گل ان سليڪٽڊ کي سياست ۾ آندو ۽ جنرل پاشا پروان چڙهايو، هن چيو ته پاشا آيو، ظهير آيو، فيض آيو، هاڻي هليا ويا پر عمران مستقل موجود آهي، هن چيو ته جمهوري بي اعتمادي جي جواب ۾ اسپيڪر ۽ صدر آئين ٽوڙيو، وزيراعظم صاحب! جيڪڏهن آئين ٽٽو آهي ته ڪيس قائم ڪرڻ گهرجي، اڳوڻي آرمي چيف تسليم ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي، 70 سالن ۾ هڪ پورو متوازي نظام بڻجي چڪو آهي، هڪ سياسي ڪلاس آهي جنهن جو مستقبل رڳو آمراڻو نظام آهي، جيڪڏهن نيوٽرل واقعي نيوٽرل آهن ته پوءِ اهڙن ماڻهن جو ڪو سياسي مستقبل نه هوندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مشرف دور کانپوءِ جمهوريت جي بحالي لاءِ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪرايون، 18 هين ترميم جي ذريعي 1973ع جو آئين بحال ڪيو جنهن جي ڪري ڪجهه جمهوري قوتن پوري طرح متحرڪ ٿي سياسي قيادت جي خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پاڪستان جي عوام جو سياسي قيادت تان اعتماد کڄي وڃي، هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي آمريت قائم ڪئي، انهن سمورن قدمن جو مقصد جمهوريت کي بدنام ڪري هائبرڊ نظام قائم ڪرڻ هو، عمران خان کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ وٺي آئي، اسان جي هر جمهوري قدم تي سدائين غيرجمهوري رويا سامهون آيا، اسان جمهوري طور تي بي اعتمادي جي رٿ آندي جنهن جي جواب ۾ آئين ٽوڙيو ويو، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان انهن بحرانن کي منهن ڇو ڏئي رهيا آهيون، اسان سدائين تاريخ لکي پر ان جي ردعمل جي طور تي ورڇ ۽ سازشون سامهون آيون، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هينئر به آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇو ته انهن مان ڪير به پنهنجي زور تي چونڊون نه ٿو کٽي سگهي، اڃا به ادارن ۾ عمران خان جا سهولتڪار موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جيڪڏهن جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي، هن چيو ته اسان جي سپريم ڪورٽ ۾ جيڪڏهن جمهوريت بحال ٿي رهي آهي ته ان قانون سان ٿيندي جتي هڪ شخص جو ووٽ هوندو، چيف جسٽس جي مرضي قانون ڇا آهي؟ اها روايت اسان ٽوڙي رهيا آهيون،  اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ ڪنهن آئين ۽ قانون  تحت ڊيم فنڊ قائم ڪرڻ جو اختيار نه هو، هن چيو ته هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها ڇو ته 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته اسان قانون تحت ان جو جواب ڏينداسين،هن چيو ته هڪ وزير صاحب انٽرويو ۾ اپوزيشن جي باري ۾ چيو ته اسان هونداسين يا اهي هوندا، افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي پولرائزيشن ان حد تائين پهچي چڪي آهي، اسان کي انهن سان گڏ به ويهڻو پوندو جن جي شڪل اسان کي پسند ناهي،

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي مان پاڻمرادو نوٽيس جي اختيار بابت بل منظور ڪيوويو آهي، بل جي متن موجب چيف جسٽس  اڪيلي سر پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ بينچز جي جوڙجڪ جو فيصلو 3 ججز تي ٻڌل ڪميٽي ڪندي،قومي اسيمبلي عدالتي سڌارن وارو بل ڳري اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي، عدالتي ڪارروائي، قاعدن ۽ ضابطن وارو بل 2023 اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظوري بعد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو،منظوري ڏنل بل تحت انساني حقن وارا معاملا به ججز جي 3 رڪني ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ 3 رڪني بينچ ڏانهن اماڻيندي، انٽرا ڪورٽ اپيل تي 14 ڏينهن ۾ ٻڌڻي ٿيندي،  ارجنٽ معاملن جا ڪيس 14 ڏينهن اندر ٻڌڻيءَ لا مقرر ٿيندا، قومي اسيمبلي مان منظوري بعد بل هاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.