اسلام آباد (م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سڀني سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ايلاز ڪري رهيا آهيون، مفت خوري ختم ڪرڻي پوندي.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي واپڊا ملازمن کي مفت بجلي فراهمي ختم نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ معاملي تي وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو.نور عالم خان چيو ته 16هين کان 22هين گريڊ جي آفيسرن جي مفت بجلي ختم ڪئي وڃي، ان تي عملدرآمد نه ڪرڻ ڪميٽي جون هدايتون نظرانداز ڪرڻ آهي.ڪميٽي چيئرمين چيو ته مفت بجلي جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ به اٿاريندس.