وفاقي سرڪار جو مفت اٽو هفتي اندر 10 حياتيون وٺي چڪو، تذليل غريبن جو مقدر

لاهور(م ڊ) پنجاب جي ضلعن ساهيوال، بهاولپور،مظفر ڳڙهه ۽ اوڪاڙه ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مرڪزن ۾ ڀاڄ سبب هڪ پيرسن عورت ۽ هڪ شخص فوت جڏهن ته 45 عورتن سميت 56 ماڻهو زخمي ٿي پيا، ساهيوال ۾ عورتن چيو ته اتي ماڻهن جي رش هئي، صورتحال پرسڪون هئي پر جيئن ئي سول  لائنز جي پوليس مرڪز تي آئي ان شهرين سان بدتميزي ۽ لٺبازي شروع ڪري ڇڏي ان بدنظمي سبب ڀاڄ پئجي وئي، اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته انتظاميا جي ايپ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ماڻهن جي ڊگهي قطار ۾ ڦاسڻ جي سبب بي سڪوني جي ڪري گوڙ مچائڻ شروع ڪري ڇڏيو، پوليس عورتن کي ٿڦون۽ ڌڪا ڏنا، جنهن سان هجوم وڌيڪ مڇرجي پيو، نگران وزيراعليٰ محسن نقوي عورت جي موت جو نوٽيس وٺندي ڀاڄ جي واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رحيم يار خان ۾ مفت اٽو وٺڻ لاءِ آيل 73 سالن جو محمد انور رش سبب هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو بعد ۾ هن اسپتال ۾ دم ڏنو، مظفرڳڙهه ۾ اٽو مرڪز ۾ ماڻهن جي بي پناهه رش سبب بينڪوئٽ هال جي ڀت ڪرڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس پاران لٺبازي ڪئي وئي، اوڪاڙه ۾ ديپالپور ۾ اٽي جي مرڪز تي 4 عورتون زخمي ۽ 2 بيهوش ٿي پيون، اينڪرڪامران خان چيو آهي ته  شهباز حڪومت جو مفت اٽو ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران 10 ماڻهن جون حياتيون وٺي چڪو آهي، مهانگائي جي دور ۾ ماڻهو مفت اٽي جي حصول لاءِ پريشان نظر اچن پيا، هڪ هفتي دوران 10 ماڻهن جي حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، ڊگهين قطارن ۾ بيٺل عوام ۾ ڀاڄ ۽ بدنظمي سبب درجنين عورتن سميت سوين ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ ماڻهو اٽي لاءِ جان جوکي ۾ وجهي رهيا آهن، ساهيوال ۾ ٻن عورتن جي جان هلي وئي، 45 عورتون هجوم ۾ ڀاڄ سبب پيرن هيٺيان لتاڙجي زخمي ٿي چڪيون آهن، ملتان هجي،مظفر ڳڙهه، بنون هجي  يا چارسده، يا ميرپورخاص هجي ماڻهن لاءِ مفت يا سستي اٽي جو حصول محال بڻجي چڪو آهي، روزانو سحري کانپوءِ هزارين ماڻهو قطارن ۾ لڳن ٿا يا بي هنگم هجوم جي شڪل اختيار ڪن انتظاميا شهرين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ڏسڻ ۾ اچي ٿي، بدنظمي جو راڄ آهي، مرندڙن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته اهي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ اٽي جي ميدان ۾ لٿا ۽ زندگي جي بازي هارائي ويا، هن چيو ته شهبازشريف، مريم بي بي روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقريرون ڪن ٿا نه ڄاڻ ڪيترن ڪيترن موضوعن تي ڳالهائن ٿا نٿا ڳالهائن ته عام پاڪستاني غريب پاڪستاني کي ڳڙڪائيندڙ مهانگائي، اڻلڀ مهانگي اٽي تي نٿا ڳالهائن،پنجاب جي شهر حاصل پور ۾ پوليس اٽو وٺڻ لاءِ آيل شهرين تي چڙهائي ڪري ڏني، روزي دارن تي ڏنڊا وسايا، پيرسن ماڻهن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڊيرا غازي خان ۾ نگران وڏي وزير مفت اٽو مرڪز تي بدنظمي جي ڪري ڊي سي کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.