لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي ججن متعلق ٻه خطرناڪ آڊيو ۽ هڪ وڊيو ملي ويون آهن. نامياري صحافي موجب اهي ان ڪري ليڪ نه پيون ڪيون وڃن ڇو ته انتهائي خطرناڪ آهن، ان ڪري اهي ليڪ ڪرڻ ۾ في الحال نواز شريف رڪاوٽ بڻيل آهي.
نامياري صحافي جاويد چوڌري موجب اهي آڊيو ۽ وڊيو مريم نواز اڄ قصور واري جلسي ۾ ليڪ ڪرڻ پئي چاهيون پر نواز شريف کان اجازت نه ملڻ سبب پڌريون نه ڪيون ويون، اهي امڪان موجود آهن ته ڪنهن به مناسب وقت تي پڌريون ڪيون وينديون.
اطلاع آهن ته ان ۾ چيف جسٽس جي به آڊيو يا وڊيو موجود آهي. نامياري صحافي معظم فخر موجب آڊيو ۽ وڊيو ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن ۾ عمران خان بابت ڳالهه ٻول شامل آهي.
نوٽ:معظم فخر جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 30 هين مارچ 2023ع تي شايع ٿيو