ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل، اتحاد برادرس ميدان ماري ورتو

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو غلام شاهه نظاماڻي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورمانيٽ جو فائنل اتحاد برادرس کٽي ورتو
نظاماڻي نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ اتحاد برادرس ۽ جتوئي اليون جي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيو ويو
جتوئي اليون پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 118 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ رانديگرن آفتاب لاشاري 45 ۽ وقار لاشاري 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا
جڏهن ته اتحاد برادرس جي رانديگرن مخالف ٽيم طرفان مليل هدف ستن اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ايوينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو
اتحاد برادرس جي رانديگرن اسد علي 42، ايازن سيال 22 جڏهن ته عرس 20 رنسون ٺاهيون، اسد علي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو
ٽورمانيٽ جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ خاص مهمانن طرفان فاتح ٽيم جي رانديگرن کي ويهه هزار رپيا ڪيش ۽ ٽرافي ڏني، جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم کي پڻ ڏهه روڪ رقم ۽ ٽرافي ڏني وئي
ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ علائقي جي ڪرڪيٽ شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پسنديده رانديگرن کي داد ڏنو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.