راڻيپور ۾ جساف جسقم پاران ڊجيٽل آدمشماري ۽ استپالن ۾ دوائن جي کوٽ خلاف ريلي

سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف راڻيپور ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جسقم پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
شهرين ۽ ڪارڪنن مجيب ڀيلار، امداد لاڙڪ، ساجد مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کير بازار کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، آدمشماري نامنظور، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ نامنظور جا نعرا هنيا
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل آدمشماري جي سازش ڪئي وئي آهي، سنڌي قوم اهڙي آدمشماري کي مڪمل رد ڪري ٿي.
هنن چيو ته سڄي سنڌ جيان راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ۾ وڏي عرصي کان دوائن سميت سهولتن جي کوٽ آهي، اسپتال مان غريب مريضن کي ڪنهن به قسم جو فائدو نٿو ملي
مظاهرين اختيارين کان گهر ڪئي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري رد ڪرڻ سميت اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.