هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته انسان جي بهتر ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ مضبوط ۽ مستحڪم دوستن جو هجڻ ضروري آهي، ناڪاري ۽ ڪمزور دوستيون انسان جي جسماني صحت کي به ڪمزور ڪنديون آهن.
چيو ويندو آهي ته انسان ”سوشل اينيمل“ آهي، انسان لاءِ اڪيلو رهڻ تقريبن ناممڪن ئي آهي، هڪ انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ مٽن مائٽن ۽ دوستن جي صورت ۾ ٻين انسانن جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته بهترين، پراڻا، ويجها ۽ مضبوط لاڳاپا نه رڳو انساني جسماني صحت جو ضامن هوندا آهن پر اهي ذهني واڌ ويجهه ۾ به ڪردار ادا ڪندا آهن.
تحقيق موجب دوستي جسماني ۽ ذهني صحت تي هاڪاري اثر وجهندي آهي ۽ خود اعتمادي کي هٿي ڏيندي آهي، جڏهن انسان سماجي معاملن دوران پرسڪون رهندو آهي ته جسم آڪسيٽوسن خارج ڪندو آهي، ان لاءِ ڪورٽيسول (ٽينشن جو غدود) جي سطح ڪِري پوندي آهي ۽ ائين بلڊ پريشر به نارمل سطح تي رهندو آهي.
تحقيق جي نتيجن سان خبر پئي ته ننڍي عمر ۾ ڪيل دوستيون انسان جي وڌيڪ خوشي ۽ پرسڪون رهڻ جو سبب بڻجنديون آهن، محققن موجب جيڪي ماڻهو ننڍي عمر يا وري اسڪول ۾ دوست ٺاهيندا آهن ۽ ڊگهي عرصي تائين انهن سان رابطي ۾ رهندا آهن ته اهي ذهني دٻاءَ جو شڪار ناهن ٿيندا ۽ نه ئي انهن ۾ وڏي حد تائين ڪا ذهني پريشاني هوندي آهي.
محققن جو چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن ۾ ٻيا نفسياتي مسئلا به گهٽ هوندا آهن، اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوش هوندا آهن.