ڪرينا ڪپور عرفي جاويد جي فيشن مان متاثر، کيس بهادر قرار ڏئي ڇڏيائين

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بيبو ڪرينا ڪپور تڪراري فيشن سبب خبرن ۾ رهندڙ اداڪارا عرفي جاويد جي فيشن جي تعريف ڪئي آهي.

تازو ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور، عرفي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته فيشن حقيقت ۾ اظهار جي آزادي جو نالو آهي، منهنجو خيال آهي ته جنهن طريقي ۽ اعتماد سان عرفي فيشن ڪندي آهي ان ۾ هوءَ سٺي لڳندي آهي.

هن چيو حقيقت اها آهي ته هوءَ اهو ئي ڪندي آهي، جيڪو چاهيندي آهي ۽ اهو ئي فيشن آهي، توهان جيڪو ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪندا آهيو اهو ڪندا آهيو، مون کي عرفي جو اعتماد پسند آهي ۽ مان به هڪ پراعتماد ڇوڪري آهيان، مان اعتماد کي پسند ڪندي آهيان.

سندس چوڻ هو ته جنهن اعتماد سان عرفي هلندي آهي، مون کي اهو پسند آهي.

انٽرويو دوران ميزبان ڪرينا کان پڇيو ته ڇا توهان عرفي جهڙا ڪپڙا پائڻ جي همت ڪندئو؟ جنهن تي اداڪارا جواب ڏنو ته مان هر قسم جي لباس ۾ ڪمال ڪري سگهان ٿي پر مان عرفي جيان دلير ناهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.