نڪ جونس پهريون ڀيرو ڳالهايو ته مان ٻئي ڪنهن سان لاڳاپن ۾ هيس: پريانڪا

 

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن منهنجي نڪ جونس سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ته مان اڳ ئي ڪنهن ٻئي سان لاڳاپن ۾ هيس.

تازو آمريڪي پوڊ ڪاسٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ پريانڪا چوپڙا ٻڌايو ته 2016 ۾ نڪ جونس مون کي پهريون ڀيرو ٽوئيٽر تي ميسيج موڪليو هو، ان وقت مان ڳالهائڻ ۾ ڪيٻائي رهي هيس، ڇو ته ڪنهن ٻئي سان ويجهن لاڳاپن ۾ هيس ۽ مان نڪ کان هڪ ڏهاڪو وڏي به هيس.

هن چيو ته اِهو اُهو وقت هيو، جڏهن منهنجو ڊگهو رشتو پڄاڻي ڏانهن وڃي رهيو هو، مان ۽ نڪ چيٽنگ شروع ڪئي، ان وقت منهنجي عمر 35 ۽ نڪ جي 25 سال هئي، مان ان وقت سنجيدگي سان شادي جو سوچي رهيس هيس، تنهن ڪري مان نڪ سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته مون کي لڳو ان جو ڪو فائدو ناهي.

سندس موجب مون کي نه هئي خبر ته نڪ اندر 75 ورهين جو شخص آهي، جنهن جي عمر 25 تي اٽڪيل آهي، پوءِ اسان جي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.