جمهوريت تي عالمي اجلاس گهرائيندڙ آمريڪا ۽ ان جي عالمي جمهوريت پسندي

نثار لغاري

آمريڪا  جمهوريت جي تصور تي هڪ سئو ويهه ملڪن جو هڪ وڏو سربراهي اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آھي  هن اجلاس ۾ چين روس سعودي عرب  ايران کي دعوت ناهي ڏني وئي  هي اجلاس ان وقت گهرايو ويو آھي جڏھن روس يوڪرين جنگ  کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي ۽ آمريڪا جي عالمي اجاريداري شديد خطري ۾ آھي  آمريڪا  دهشگردي مخالف جنگ تهذيبن جي نالي ۾ جيڪا رياستي دهشتگردي ڪئي دنيا کي خوف ۾ مبتلا ڪيو  اهو خوف ختم ٿي چڪو آھي هن وقت آمريڪا واحد عالمي سامراجي طاقت آھي جنهن خلاف نفرت وڏي پئماني تي موجود آھي ۽ وڌي رهي آھي

آمريڪي شھري عالمي سپر پاور جو رهواسي هوندي  ڪنهن به ملڪ ۾ بناخوف پرامن طريقي گهمي نٿا سگهن هنن جا ئي تيار ڪيل دهشتگرد جهادي انتها پسند جن کي هي مزاحمت ڪار لکندا هئا هنن جا مخالف بڻيل آھن ڪٿي سندس چوڻ تي دهشتگردي ڪندا آھن  ته ڪٿي وري سندس خلاف به حملا ڪندا آھن

آمريڪا نام نهاد جمهوريت جو عالمي چئمپين هوندي به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جمهوري حڪومتن جمهوريت خلاف فوجي آمريتن جي حمايت ڪندو رهيو آھي فوجي آمرن کي بادشاهتن کي هر قسم جي آپي شاهي حڪومت جي هر قسم جي مدد ڪرڻ ان جي امداد جاري رکڻ سندس اولين فرض پئي رهيو آھي  وري پنهنجي مطلب لاءِ  جمهوريت جو وڏو چئمپين به ٿي ويندو آھي

هن وقت سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ  سوشلسٽ بلاڪ ۽ دهشتگردي مخالف جنگ کان پوءِ  سندس ڪوڙي انساني حقن جي پاسداري ڪوڙي جمهوريت پسندي  وائکي ٿي چڪي آھي هن دنيا جي ڪنهن به مظلوم قوم جي سپورٽ نه ڪئي  تاريخ گواهه آھي  يوڪرين جي حمايت به انڪري ڪري رهيو آھي جو هو روس توڙي چين کي وڏو خطرو سمجهي ٿو  وري تازو چين وڏو تاريخي قدم کنيو آھي جو هن ايران سعودي عرب ۾ هڪ ٺاهه ڪرائي کين جوڙي ڇڏيو آھي ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ سفارت خانا کولڻ جو به اعلان ڪيو آھي  هي سمورا عمل آمريڪا لاءِ  بطور هڪ عالمي پاور خطري جي گهنٽي آھن  هي خطرو سندس عالمي امپائر کي جتي ڪٿي چئلينج ڪري رهيو آھي

تاريخ جي هن عين موقعي تي آمريڪا وري جمهوريت جو چئمپين ٿيڻ پيو چاهي  ڪيترن ئي ملڪن تي انساني حقن جي خلاف ورزين  جا الزام به لڳائي رهيو آھي پر جتي ماڻھن کي جبري طرح گم ٿو ڪيو  وڃي اتي ڪوڙي جمهوريت پسندي جو دعويدار مڙئي مذمت ڪري جان ڇڏائيندو آھي  ڪڏھن به هن سنجيدا قدم ناهن کنيا اها دعويٰ هر سطح تي ڪري سگهجي ٿي  هن وقت جڏھن سمورو عالمي پاور لوڏن ۾ آھي سموري دنيا هڪ نئين عالمي معاشي سياسي بحران ۾ گهيرجي چڪي آھي تڏھن هاڻ آمريڪا وري جمهوريت جا ڪوڙا ڊراما رچائي رهيو آھي سندس جمهوريت پسندي تي عالمي ڪانفرنس سندس منافقت واري سرشتي کي به نروار ڪندي  سندس سماج اندر جمهوريت کي به وائکو ڪندي

هن عالمي پروگرام جي ڪري بحرحال جمهوريتن جو سوال وري نروار ٿيندو اهو فائدو ٿيندو جتي جمهوريت جي نالي ۾ اندران سخت قسم جي فوجي آمريت آھي اهي سوال پڻ بحث ۾ ايندا. آمريڪا گذريل ڪافي سالن کان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گهڙي اتي جي عوام کي قتل ڪيو ڪرايو آھي اهو ئي وري هاڻ دنيا جي امن توڙي انساني حقن جو چڱو مڙس ٿي رهيو آھي.

سندس تازي چارج شيٽ ڪجهه هن ريت آھي : روس، چين، ايران، ميانمار ۽ افغانستان ۾ وڏي پيماني تي انساني حق پائمال ٿيا، آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 فيبروري 2022ع تي ماسڪو پاران يوڪرين تي اڳڀرائي کان پوءِ  روس جي هٿياربند فوج ’’ڪيترا ئي جنگي ڏوهه ۽ ٻيا ظلم ڪيا’’.

سومر جي ڏينهن پڌري ٿيڻ واري پرڏيهي محڪمي جي انساني حقن جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ’’يوڪرين ۾ روسي فوج جي طرف کان ڄاڻي واڻي عام شهرين ۽ شهري ڍانچي کي نشانو بنائڻ، تشدد، جنسي زيادتين، انڌاڌند ۽ منصوبا بنديءَ تحت ڪيل حملن جا ثابتيءَ وارا اطلاع مليا آهن، جيڪي سڀئي جنگي ڏوهه آهن’’.

سالياني رپورٽ ۾ شهرين ۽ ٻارن جي يوڪرين مان روس ڏانهن زوري ملڪ بدريءَ جي واقعن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي.اها رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن بين الاقوامي فوجداري عدالت روسي صدر ولادي مير پوٽن ۽ ٻارن جي حقن متعلق هڪ روسي عهديدار جي طرفان والاريل يوڪريني علائقن مان ٻارن جي غير قانوني منتقلي ۽ روس موڪلڻ جي مبينه جنگي جرم ۾ ملوث هئڻ تي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

روس چيو آهي ته گرفتاريءَ جا وارنٽ اشتعال انگيز آهن ۽ ان پوٽن جي مقدمي ۾ پيش ٿيڻ جي امڪان کي مسترد ڪيو آهي. روس ”آءِ سي سي“ جي اختيار کي تسليم نه ٿو ڪري. آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ سندس انتظاميا جي سينيئر اختياريءَ وارن روس تي يوڪرين ۾ جنگي ڏوهه ۽ ظلم ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.

رپورٽ ۾ ايران، چين، ميانمار، افغانستان، ڏکڻ سوڊان، شام ۽ ٻين آپيشاهيءَ وارن ملڪن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي باري ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

آمريڪي جمهوريت خود ڪيترن ئي تضادن جو شڪار آھي ان بابت آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڇا ٿو چوي پڙھو ’مون کي 2024ع جي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي’

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام مڙهيو آهي ته جو بائيڊن جي انتظاميا کيس 2024ع جي صدارتي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي لاءِ  هر قسم جا اپاءَ ڪري رهي آهي. هو 2024ع ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ پاران صدارتي نامزدگي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

ٽيڪساس جي رياست جي شهر وائيڪو ۾ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي انتخابي مهم جي پهرينءَ ريليءَ کي خطاب ڪندي، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انصاف جي نظام تي تنقيد ڪندي چيو ته چونڊن کان پري رکڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون، ڇو ته هو ملڪ جي مفاد کي پهرين ترجيح ڏيندو آهي.هن پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو عوام ملڪ جي لاءِ  سندس خدمتن کان نه رڳو آگاهه آهي پر کيس پنهنجو پسنديده متبادل اميدوار سمجهندو آهي.ٽرمپ چيو ته کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ الجهائي ۽ سزا ڏياري رستي کان هٽايو پيو وڃي. ان جي لاءِ  هن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ تي سازش رچائڻ جو الزام به لڳايو. هن چيو ته ملڪ کي ’’بنانا ري پبلڪ’’ بڻائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.

اڳوڻي صدر جي خلاف اڄ ڪلهه نيويارڪ جي مين هيٽن علائقي جي گرانڊ جيوريءَ جي آڏو ڪيس هلي رهيو آهي جنهن ۾ سندس خلاف الزام عائد ٿي سگهن ٿا.اها گرانڊ جيوري جلد ئي فيصلو ڪندي ته اڳوڻي صدر جي خلاف الزام لڳايا وڃن جنهن جو تعلق 2016ع جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽرمپ جي اڳوڻي وڪيل مائيڪل ڪوهن پاران هڪ ’پورن اسٽار’ کي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي لڪل ادائيگيءَ سان آهي.

اها رقم ”پورن اسٽار“ کي پوشيده طور تي ادا ڪئي وئي هئي ته جيئن 2016 ع جي صدارتي چونڊن جي مهم جي دوران هوءَ پنهنجي زبان بند رکي.ٽرمپ جي حامي ريپبلڪنز ان ڪيس تي تنقيد ڪندي ان کي اڳوڻي صدر جي خلاف سياسي ڪارروائي قرار ڏنو آهي.ان ڪيس ۾ جيڪڏهن صدر ٽرمپ تي الزامن جو پروانو عائد ڪيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي تاريخ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ پهريون اڳوڻو صدر هوندو جنهن تي ڪنهن فوجداري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.اڳوڻي صدر سوشل ميڊيا تي پنهنجي حامين کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن کيس حراست ۾ ورتو وڃي ٿو ته اهي ڀرپور احتجاج ڪن.وائيڪو ۾ ريليءَ کي خطاب ڪندي، ٽرمپ پنهنجي ڪنهن نئينءَ حڪمت عمليءَ جو اعلان نه ڪيو. ميڙ ۾ سندس حق ۾ نعرا لڳايا ويا. جلسي جي ڪارروائيءَ جي شروعات تي اڳوڻي صدر قومي تراني سان گڏ ’وفاداريءَ جي عهد’ جا لفظ ورجايا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.