هونئن ته ، سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا آهي. پر، سنڌ صوبي ۾ اها ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سرس ۽ سوائي آهي. جيئن ئي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏٺو ويو. تيئن ئي مهانگائي جو ، جن بوتل مان ٻاهر نڪري پيو آهي. ان ، جن کي قابو ڪرڻ ۾ انتظاميه مڪمل طرح ناڪام ٿيندي پئي وڃي. حڪومت پنهنجي ناڪام کي لڪائڻ لاءِ روزانه نوان بيان جاري ڪري عوام کي آسرن ۾ رکي ڌوڪو ڪري رهي آهي. هاڻ ته ، سنڌ ڪابينا ، تعلقي سطح تي بچت بازارون لڳائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي ته جيئن عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ملي سگهي. پر، سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته ، اهي بچت بازارون به هڪ ڍونگ آهن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن وانگر غير فعال ٿي وينديون. جن مان هيٺين طبقي جي ماڻهن کي ڪو خاص فائدو حاصل ٿي نه ٿو سگهي. تنهن هوندي به ڪجهه فائدو ملي سگهي ٿو. اها اميد هر غريب ماڻهو رکيو ويٺو آهي. ياد رهي ته ، هن وقت مهانگائي ايتري وڌي آهي جو ماڻهو پريشان آهن. خاص ڪري پورهيت طبقي ۽ روزاني اجرت ڪمائيندڙن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. سندن حالت ڏسي روئڻ ٿو اچي. پر، موجوده اتحادي حڪومت صرف بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي. عوام جي خدمت ۾ يقين رکڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪرڻ ۾ مصروف آهي. باقي عملي ڪم ڪٿي به نظر ڪونه ٿو اچي.
جيئن ئي رمضان شريف جو ڀلارو مهينو آيو آهي. تيئن ئي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ، واپاري حضرات پنهنجا هٿرادو اگهه مقرر ڪريو ويٺا آهن. کين ڪير چوڻ وارو ۽ پڇا ڪرڻ وارو ڪونه آهي. ان ڪري سندن من وڌندو پيو وڃي. اٽو، گيهه ، چانور ، بسڪوٽ ، کنڊ ، چانهه ، گرم مصالحا ،ڀاڄيون ، مڇي ، گوشت ، کير ، ڏهي ، صابڻ ، شربت ۽ دوائون وغيره مهانگي اگهه ۾ وڪرو ڪيون پيون وڃن. ان مهانگائي جي خلاف روزاني احتجاج ڪيا پيا وڃن. سنڌ جي هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ مهانگائي جي خلاف هڙتالون ٿي رهيون آهن. اخبارن ۽ ميڊيا جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ، عوام سراپا احتجاج آهي. مهانگائي ۽ خراب حڪمراني جو اثر عوام تي پئجي رهيو آهي. خاص ڪري غريب طبقي جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. هن وقت سندن جيئڻ جنجال ٿيندو پيو وڃي. ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن. هو ، خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهن. بک ۽ بدحالي جي ڪري پنهنجا ٻار وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندا وتن. بک ۽ بدحالي جي ڪري پنندڙ فقيرن ۾ به اضافو ٿيو آهي. کين روزگار ڪونه آهي ۽ ٻيو ڪو آمدني جو ذريعو ۽ وسيلو نه هئڻ ڪري هو پنڻ تي مجبور آهن ۽ هر هڪ جي آڏو هٿ ٽنگيندا رهن ٿا.
عوام جي اها حالت آهي ۽ حڪمران پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ مست و مگن آهن. هو ، اقتدار جا مزا پيا ماڻين. ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ، حڪومت نالي ڪا شيءِ موجود ئي ڪونه آهي. مهانگائي تي ضابطو ڪرڻ جي حوالي سان ايترو چئي سگهجي ٿو ته اتحادي حڪومت مڪمل طرح فيل ٿي چڪي آهي. حڪومت وٽ چيڪ ۽ بيلنس جو ڪو موثر طريقو ئي موجود ڪونه آهي. جنهن ڪري هر شيءِ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي پئي وڃي. واپاري حضرات کي ته ايتري ڇڙواڳي ملي ويئي آهي جو ، مارڪيٽ مان شيون غائب ڪري، ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجا ڀانڊا يا گودام ڀري هٿرادو کوٽ پيدا ڪندا وتن. کوٽ پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ ، مهانگائي ٿئي ٿي ۽ هاڻ به ايئن ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. شيون جڏهن بازار مان گهٽجيو وڃن ٿيون تڏهن طلب ۽ رسد جو توازن برقرار نه ٿو رهي. تنهن ڪري هن وقت مارڪيٽ غير متوازن ٿي پيو آهي. جڏهن ته حڪومت جو ، هن طرف ڪو به ڌيان ڪونه آهي. اهو ئي سبب آهي جو واپارين کي ڇڙواڳي مليو وڃي ۽ هو من ماني ڪندا وتن. شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن. ڪاروبار جي آڙ ۾ ، عوام سان ڌوڪو ۽ فريب ڪري رهيا آهن ۽ هو، بااثر آهن ان ڪري انهن جي خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي ڪونه ٿي ڪئي وڃي. حڪومت ڪو به قدم ڪونه ٿي کڻي ۽ وس وارا عملدار خاموشي اختيار ڪريو ويٺا آهن. عملدارن کي ڪا به پرواهه ڪونه آهي.
سرڪار سڳوري ، مٿين اهم مسئلن ڏانهن ڌيان ته ڪونه ٿي ڏيئي رڳو مئجسٽريٽ کي اختيار ڏيئي، دڪاندارن تي ڇاپا هڻايا وڃن ٿا. ان تي زور ڏنو پيو وڃي. ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر دڪاندارن تي ڏنڊ هڻڻ ۾ پورا آهن. ڏنڊ به اهڙو هنيو وڃي ٿو جو ، انهن تي ڪو خاص اثر ڪونه ٿو پوي. خير اهي ڏنڊ ته ڀريو ڏين ٿا. پر، اها چوڻي مشهور آهي ته “ترن جو تيل ورترن مان ئي نڪرندو” واپاري وري ڏنڊ واري رقم گراهڪن مان ڪڍندا آهن. مطلب ته اهو ڏنڊ به عام ماڻهو کان وصول ڪيو وڃي ٿو. ڏنڊ هڻندڙ آفيسر صاحبان وري ٻيهر جائزو وٺڻ جي تڪليف ڪونه ڪن. پوءِ واپارين جي پنهنجي مرضي هلندي آهي. هن ڀلاري مهيني ۾ ته وس واريون اختياريون ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿيون اچن. شايد روزا رکڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي ڪم ۾ مشغول آهن. جنهن ڪري واپارين ۽ دڪاندارن تائين سندن پهچڻ مشڪل ٿي پيو آهي. باقي سندن چڙ غريب ريڙهي وارن تي يا سبزي فروشن تي ضرور ٿئي ٿي. انهن کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ تمام سولو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي غريب آهن. اهو، ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته ، عوام کي ٻڌائڻو آهي ته قيمتن جي معاملي ۾ حڪومت توڙي انتظاميا تحرڪ ۾ آهي. سندن اکيون پٽيل آهن. مهانگائي ڪندڙن کي هر گز معاف نه ٿو ڪري سگهجي. اهو ، تاثر ڏيڻ لاءِ، ان طرقي کي اختيار ڪيو پيو وڃي. اهو به عوام کي بيوقوف بنائڻ جو آسان طريقو آهي.
ڪن اعتبار جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ، حڪومت اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خوراڪ کاتي ۽ زراعت کاتي جي عملدارن کي به اختيار ڏيئي رهي آهي. ان حوالي سان صلاح و مشورا جاري آهن ۽ اهڙو آرڊر جلد جاري ڪيو ويندو. هاڻ ڏسون ته خوراڪ ۽ زراعت کاتي جي عملدارن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ملڻ سان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو ۽ اهي مهانگائي تي ڪيترو ٿا ضابطو آڻين. اهو ، وقت ثابت ڪندو. باقي هتي ته اها حالت آهي جو ، روزانه شين جا نوان اگهه مقرر ڪيا وڃن ٿا. هن وقت رمضان المبارڪ جا شروعاتي ڏينهن آهن. هينئر ئي واپارين ڪيترين ئي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. اخباري رپورٽ موجب هن مهيني ۾ 26 شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا اهن. اهي سموريون شيون کاڌي پيتي جون آهن. روزيدار ماڻهو پريشان حال نظر اچن ٿا. انهن لاءِ ڪافي مشڪلاتون درپيش آهن. اها ته رپورٽ اخبارن ۾ آئي آهي. پر، حڪمران ۽ اخبارن جا نمائنده ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ اچي شين جا اگهه معلوم ڪن ته کين سموري خبر پئجي ويندي ته ٿوري وقت ۾ ڪيتري مهانگائي ٿي آهي. باقي ڪوڙيون رپورٽون ٺاهي اخبارن ۾ ڇپرائڻ مان ڪو به فائدو ڪونه ٿو ٿئي ۽ انهن رپورٽن مان غريب عوام کي ڪا دلداري ڪونه ٿي ملي. پر، ويتر انهن جي دلين تي بار پوي ٿو. ناڪاري ۽ منفي اثر پيدا ٿين ٿا. اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مهانگائي جي ڪري بدامني ٿي رهي آهي. ڏوهن ۾ پڻ اضافو ٿئي پيو. جن تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته جيئن عيد ويجهو ايندي. تيئن ئي مهانگائي وڌيڪ ٿيندي. جيڪو ماڻهو روزانه پنج سئو رپيا اجرت ڪمائي ٿو تنهن لاءِ عيد جي خريداري ناممڪن آهي. ان صورت ۾ هو ، پريشان ۽ غمگين ئي رهندو. جڏهن ته انتظاميا واپارين کان رشوت وٺي خاموش رهندي. هن وقت ٻهراڙي ۾ مرغي جو گوشت في ڪلو ست سئو روپين کان گهٽ ڪونه ٿو ملي. پر، عيد جي موقعي تي اهو هڪ هزار رپيا في ڪلو جي حساب وڪرو ٿيڻ جو امڪان آهي. اهڙي طرح عيد جي ڏينهن هر شي جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا. هٿرادو مهانگائي ڪئي ويندي ۽ عوام پريشاني جي حالت ۾ هوندو. تنهن هوندي ته حڪومت جون مهانگائي متعلق دعوائون جاري و ساري رهنديون. جيڪي نسورو ڪوڙ تي ٻڌل هونديون.