هڪ انگريزي چوڻي آهي ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ هميشه سٺو باس چونڊيو بجاءِ جو چڱي جاب جي پويان پئجي وڃو ان ڪري ته جيستائين توهان وٽ چڱو باس ناهي تيستائين توهان ترقي نه ٿا ڪري سگهو ان ڪري نوڪري به ڏسي وائسي ڪيو ۽ باس به چونڊي کڻو، ان ڪري اها ڳالھه ساڳي طرح عمران خان جي مٿان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ته هن سدائين باس ڳولهڻ ۾ وقت وڃايو آهي، هن کي سياست ڪرڻ نه ٿي اچي، سياست نه ٿو ڪري سگهي، هڪ ڏينهن هڪ ڳالھه ڪري وري ڦري ٿو وڃي جو سوشل ميڊيا هن جي ڪيل تقريرن جا رڪارڊ جمع ڪري ڇڏيا آهن جو جنهن ۾ هي پاڻ هاڻي ڪوڙو ثابت ٿي پيو آهي،، جنهن شخص پاڻ کي صحيح ڪرڻ جي چڪر ۾ ملڪي سياست ۽ ملڪي ناموس کي به داوَ تي هڻي ڇڏيو آهي، ان ڪري جو 2018 کان پهرين به هن باس ڳولهڻ ۾ پنهنجي سياست ڪئي ۽ هاڻي به سموري گيم جا پاسا بدلائڻ جي لاءِ هن وري آمريڪي باشندي ڊاڪٽر زَلمي خليل زاد (۽ گهڻي ڀاڱي ڪورٽون ۽ قانون به) جو پاسو ورتو آهي ۽ هو اها ڳالھه به خوبي سمجهي ٿو ته هن دفعي جي بچي ويو.
هن دفعي جي هن جي مٿان توشاخانا جا ڪيس ٽري ۽ لئومٽئو ٿي ويا ۽ فارين فنڊنگ جو ڪيس به ان زمري ۽ زور ۾ پنهنجو اثر وڃائي ويهي رهيو ته معني هي نئون ڄائو ۽ پوءِ ڪورٽن جي زور کان جي زور ٿي ويو ۽ عسڪري اسٽبلشمينٽ به هن جو ڪجھه نه بگاڙي سگهي، 13 پارٽين کان جي هي زور ٿي ويو ته پوءِ وري هي سڀني کان ميل کڻي ويندو، ان ڪري ته هن دفعي هن آمريڪا کي وري آقا مڃي ڇڏيو آهي، جنهن کي پاڻ سازشي ۽ مداخلتي چوندو رهيو انهن جي ئي ڪلهن تي وري چڙهي ويٺو آهي، ان ڪري عمران خان تي احمد فراز جو هي شعر به ٺهڪي ٿو ته ”اُشاق کي مانند کئي اَهَل هَوَس بهي، پاگل تو نظر آتي هين، پاگل نهين هوتي“ معني جيترو عمران خان مظلوم ۽ معصوم نظر ٿو اچي اوترو آهي نه، جڏهن ماڻهن کي، رڳو پي ٽي آءِ جي سپورٽرن کي اها ڳالھه چئي بيلڪ ميل ڪري ويو ته آمريڪا ۽ اسرائيل هن جي خلاف سازش ۾ رڌل آهن ان ڪري ته موصوف هن خطي کي رياست مدينه ۾ بدلائڻ جو خواهان هيو ۽ خام خيالي ۾ چاهي پيو ته هتي اسلامي راڄ ايندو، مذهبي شدت پسنديءَ کي وارو ملندو سو ٿيو ڪو نه، پر هن جي سياست وائکي ٿي وئي ته هي چاهي ڇا ٿو ۽ ڪري ڇا ٿو، جيڪو چئي ٿو اهو ڪوڙ آهي، جيڪو ڪري ٿو اهو ڪوڙ آهي، ڀلا جيڪو اڳواڻ روز روز پنهنجا ئي بيان بدلائي روز روز پنهنجن ئي پاليسين تي ويٺو ڪوڙ هڻي، پنهنجا سچ ڪوڙ ڪري، پنهنجا ڪوڙ سچ ڪري ته پوءِ ان تي ڪهڙو اعتبار.
پر ڳالھه اتي ختم ناهي، ڳالھه ته اتان ئي شروع آهي ته جيڪو شخص ڪنهن اداري تي اعتبار نه ڪندو هجي جيڪو شخص ڪنهن اداري جا ساک خراب ڪرڻ ۾ وَرَ کنئيون ويٺو هجي ۽ ڪنهن جي نه مڃي، ڪورٽ جڏهن هن ڏي ڪيترائي دفعا سمن موڪلي ته جيئن اهي پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي سگهي ۽ هنن جي به جان ڇٽي، ڇو ته پناماليڪس مان ڀلي نوازشريف جي خلاف ڪجھه به ثابت نه ٿئي پر ڳالھه رڳو اها هئي ته هن ڪورٽن جي آڏو ڪوڙ ڇو ڳالهايو، هن سان به ساڳي ڳالھه روا آهي ته هن هڪ ته ڪورٽن سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻيو ته هن جي خلاف ته سلطاني گواھ موجود آهن جيڪي قرَان تي اها ڳالھه چوڻ لاِ تيار ويٺا آهن ته هنن وٽ جيڪي به ثبوت هيا اهي انهن پاڪستاني ڪورٽن کي ڏنا آهن، هاڻي ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالھه هجي، پر هي ته ان کي به نه ٿو مڃي، ڪورٽ جڏهن عزت سان ڪنهن کي ڪو سمن موڪلي ته پوءِ اها ڳالھه ڇو ته هنن عمران خان جي راھ ۾ پٿر وڇايا، رنڊڪن وڌن ته جيئن هي ڪورٽ نه پڄي سگهي، پر ڳالھه اها آهي ته هي بهادر ليڊر جيل وڃڻ کان ڏڪي ٿو، هي چاهي ٿو ته هن جي بدران چودري فواد کي ٻَڌن ۽ ان کي جيل، ڪوڙا ۽ سزائون ڏين، هي چاهي ٿو ته هن جي بدارن هر اهو پي ٽي آءِ جو اڳواڻ، ڪارڪن، عام ادنيٰ راھ گير به ڪُٽجي سَٽجي ۽ اهو جيل جون عقوبتون سهي، اهي ڀلي ڦاهيءَ به چڙهن پر هي قطعن جيل نه ويندو، ان ڪري جيل وڃڻ کانپوءِ هن سان رياست وارا الائي جي ڇا ڇا ڪندا ۽ هن کي اهو به خوف آهي ته هن جي وڃڻ سان روڊن ۽ ڪنٽينرن جي سياست جو ڇا ٿيندو، ان ڪري ته هي ويچارو اڪيلو ئي آهي جنهن جي سِرَ جي ڪري اها روڊن جي سياست هلي چلي ٿي، هي آهي جنهن جي ڪري رياست ۽ سياست عذاب ۾ آ.
پر ان عذاب کان ته فوجي اسٽبلشمينٽ 17 هاءِ ڪمانڊ برگيڊ آفيسر فوج مان رٽائر ڪري ڇڏيا ته جيئن فوج کي سياست کان الڳ ڪري ڇڏجي ڇو ته اهي خان جا سپورٽر هيا، باجوا جو 22 ڊسمبر 2022 تي ڪيل عمران خان سان ملاقات، ان جي ڳالھه نه مڃڻ به ان ڳالھه جو پڪو ثبوت هيو ته هي فوجي اسٽبلشمينٽ هاڻي ڪنهن به سياستدان جي نه ٻڌندي، ان ڪري ته عمران خان جهڙي شخص جي ٻڌي هنن سي پيڪ جو ايترو ته نقصان ڪرايو جو چين وارا وائڙا ٿي ويا ته هي کائي ڪنهن جو ٿو ۽ ڳائي ڪنهن جو ٿو، هن ته آمريڪا سان اندر ئي اندر اها ڳالھه طئي ڪئي هئي ته سي پيڪ جي مٿان ”داسو ڊيم“ حملا به ٿيندا، هن جي دور ۾ سي پيڪ جي لاءِ جيتريون رنڊڪن هيون شايد هاڻي، ان کا اڳ ڪڏهن به نه هيون پر هي پوءِ به اهي سياسي منافقيون ڀرپور ڪري کائي پي ڏَٽَ ڪري ويو، هن جي جاءِ تي گوگي به وڄايو ۽ جهانگيرترين به اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ جون بي ايمانيون ڪري پنهنجا مُور ڪڍي هليو ويو، جيڪي هن عمران خان جي سياست جي صدقي جهنڊا، لغڙيون ۽ ”ڊي جي“ به رينٽ تي ورتا هيا سي سڀ وارو وڄائي نڪري هليا ويا پر ڦاٿو ته رڳو غريب عوام ۽ 13 پارٽيون، اهي پارٽيون وري به چريون آهن جن اڃان تائين رڳو عوام جي رتُ چوسي آهي، پر نه عمران خان کي ڪجھه ڪري سگهيا آهن نه ئي ان جو ڪجھه بگاڙي سگهيا آهن، حلانڪي شهبازشريف جهڙو طاقتور وزيراعظم نه ايندو، جنهن جي هٿ وس ڪورٽون (گهڻ ڀاڱي) جنهن جي اشاري تي اليڪشن ڪميشن، جنهن جي مخالف ڌر ته آهي ئي نه ۽ 13 جون 13 پارٽيون هن جي پلئي پيل آهن پر ڪري ڪجھه نه ٿو، اهو به موڳو مٽر نڪتو جو چار چريا ڏئي هڪ چوت ورتي سين سان به چري نڪري پئي جو 13 پارٽين رڳو هن کي چونڊيو پر ڪجھه ڪرڻ جي قابل ناهي، هن مان نه دوست کي آسرو آهي نه دشمن کي ڀئُه آهي.
يا ڳالھه رڳو گرفتاري جي ئي وٺو ته ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪو سياستدان گرفتار نه ٿيو هجي، ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪورٽ کان ڪير مٿانهون هجي، ڪورٽ جي ڪير نه ٻڌندو هجي، ڪير آهي جنهن جي لاءِ ڪورٽ، پوليس ۽ قانون ٿرٿلي هجن، ان ڪري ته ڪورٽ جي فيصلي کي ڪير چيليج نه ٿو ڪري سگهي، ڪير به اها ڳالھه نه ٿو ڪري سگهي جنهن ۾ قانون جو وقار مجروح ٿئي، رياست الائي جي ڪهڙو مناسب ٽائيم سوچي ويٺي هئي جنهن ۾ اهي 2004 وارو رڪيل فارين فنڊنگ وارو فيصلو به عوام جي آڏو رکندا ته جنهن شخص الائي جي ڪنهن جي هشي تي آءِ ايم ايف کان ايترو قرض کنئيو جو ڪنهن سرڪار پنهنجي مڙني حڪومتي سالن ۾ نه کئنيو هوندو، هن شخص کي سڀ ڪجھه مباھ آهي ته جيڪو وڻيس سو ڪري، هاڻي طالبان جون بندوقون به رياست جي مٿان سڌيون ڪيون ويٺو آهي، سول نافرماني کي هن ڪي نيون معنائون ڏنيون آهن جنهن جي تشريح وري رياست پنهنجي ڏنڊي سان ڪري ڏيکاري.
پر وري مونجهارو اهو به آهي ته عام چونڊن ۾ جي هن عمران خان نه کٽيو، پنهنجي اڪيلي سِرِ حڪومت نه ٺاهي سگهيو ته هن ملڪ جو ڇا ٿيندو، ان ڪري ته عمران خان جي دماغ ۾ رڳو ڪرسي ۽ ڪاميابي آهي، هو غلطيءَ سان سمجهي ٿو ته ساڻس سمورو عوام گڏ آهي، پر ائين ناهي، ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر جي بلدياتي چونڊن ۾ عوام هن کي ريڊ سگنل ڏيکاريو، ان ڪري اهو وهم نه پالي ته جيئن هن ڪي پي ۽ پنجاب حڪومتن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي، جيئن اهي ڪجھه ڌڙا، طالبان سميت جيڪي اهڙي مائينڊسيٽ وارا آهن سي ته هن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايون بيٺا آهن پر سنڌ بلوچستان ۾ هن جي دال نه ڳرندي، پر هن سموري صورتحال ۾ اها ڳالھه هنڊائڻ جهڙي آهي ، سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ جهڙي آهي ته هن دفعي هن عمران سان سان ڪو سنڌي ۽ بلوچ سياستدان مُنهان مُنهي ناهي پر هن جي اڳيان وري به عسڪري قوتون، پنجاب اسٽبلشمينٽ ۽ هڙئي ادارا پويان اٿس جن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ عدالتون (گهڻي ڀاڱي) به آهن جيڪي ڀلي ”اسپلٽ“ به هجن پر سڀ کان پهرين قانون جي پاسداري آهي ۽ ڏسون ته جنگ ڪير ٿو کٽي ۽ عمران خان کي جيل تائين ڪيئن ٿا پڄائن.