پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جي واپسي!

فرحت جاويد

27 مارچ سومر واري  ڏينھن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي هال ۾ صورتحال گذريل سال کان بلڪل مختلف هئي. اسيمبلي هال ۾ گوڙ هو، جيڪو يقينن اتي ويٺل ميمبرن لاءِ پريشاني وارو هوندو، پر پريس گيلري ۾ ويٺل صحافي اهو منظر ڏسي بھرحال خوش ٿيا ھئا.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽرن وڏي وقت کانپوءِ قومي اسيمبلي جي هال ۾اپوزيشن جي صورت ۾ شرڪت ڪئي ۽ وري اهڙو ماحول پيدا ٿي  ويو، جنهن جي توقع ڪنهن به جمهوريت ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن جي بينچن تي موجودگيءَ دوران ڪئي ويندي آهي.جھيڙا جھٽا ۽ چرچا ڀوڳ اڄوڪي سيشن جو حصو ھئا.

”شڪر آهي، اپوزيشن به نظر آئي آهي،“  هڪ صحافي راءِ ڏيندي چيو. جڏهن ته منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ ٻئي سينيئر صحافيءَ چيو ته ”جڏهن اپوزيشن موجود هوندي آهي ته اجلاس جو مزو ايندو  آهي ۽ اھو واضح نظر ايندو آهي ته عوامي نمائندا ڪنهن مسئلي تي سير حاصل بحث ڪري رهيا آهن ۽ اھو ئي جمهوريت جو حسن آهي.پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جيڪو 23 مارچ تي شروع ٿيو ان جو اهو ٽيون سيشن ھو،

اجلاس مقرر وقت تي شروع نه ٿي سگهيو پر جيئن ئي ڪارروائي شروع ٿي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا سينيٽر اليڪشن ڪميشن خلاف ھٿن ۾بينر کڻي اسيمبلي هال ۾ داخل ٿي ويا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا. ان کان اڳ پي ٽي آءِ اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.پر اڄ پي ٽي آءِ اڳواڻ پارليامينٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي اسيمبلي جون چونڊون روڪڻ واري فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ جي لاءِ موجود ھئا.هنن جي نعرن جي گوڙ ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو آواز دٻجي ويو ھو.” اليڪشن جلدي ڪرايو“ ۽  ”اليڪشن کان نه ڀڄو“ جهڙا بينر کڻي اهي سينيٽر اسپيڪر جي ڊائس اڳيان بيٺل ھئا ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رھيا ھئا.اسپيڪر کين پنھنجون پنھنجون سيٽون سنڀالڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم تقرير شروع ڪئي. سندس تقرير دوران صحافين اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين تي تشدد، مٿن ڪيس داخل ڪرڻ، صديق جان جي گرفتاري ۽ صحافين تي تشدد خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

وسيم شهزاد جي تقرير کانپوءِ اسيمبلي هال ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مولانا اسد محمود تقرير شروع ڪئي، سندس تقرير دوران تحريڪ انصاف جا ماڻهو سخت نعريبازي ڪندا رهيا ۽ ڊيسڪون وڄائيندا رهيا.

اسد محمود ڊگهي تقرير ڪئي ۽ عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياست تي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي، جنهن جو جواب، پي ٽي آءِ سينيٽرن سخت نعرن بازي سان ڏيندا رھيا، هڪ موڙ تي  لفظن ۽ جملن جي اها جنگ ايتري  تيز ٿي وئي جو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر به هال ۾ نظر ڦيرائڻ بعد پاڻ بھ کلندو رھيو.ان موقعي تي حڪومتي اتحاد جي سيٽن تان ميمبر به اٿي بيٺا ۽ جوابي وار ڪندا رهيا، آخرڪار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ ميمبرن کي چيو ته ايوان جي عزت ۽ احترام جو خيال رکيو وڃي.

پي ٽي آءِ جو سينيٽر فيصل جاويد خان ڪيترائي ڀيرا اسپيڪر جي ڊائس وٽ  ويو ۽اسپيڪر کي چيو تھ مولانا اسد محمود جو مائڪ بند ڪري، اسان جي پارٽي جي سينيٽرن کي ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو وڃي،پر  اسپيڪر ھن جي اھڙي درخواست تي عمل نھ ڪيو، اڄ ائين محسوس ٿيو تھ ڄڻ  اسد محمود کي ئي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو آھي.تقرير ڏيڍ ڪلاڪ تائين هلندي رهي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ سينيٽر ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. فيصل جاويد خان پنهنجي سيٽ تان اٿي بيٺو ۽ اسپيڪر کي مخاطب ٿي چيو ته ”هاڻي بس ڪريو اسپيڪر صاحب“ھن سان گڏ پي ٽي آءِ جا ٻيا سينيٽر اسپيڪر جي ڊائس جي سامهون گڏ ٿيا ۽ هن کان مطالبو ڪيو ته مولانا اسد محمود  پاران عمران خان جي ٻارن بابت جيڪي جملا ادا ڪيا ويا آهن، اهي واپس وٺو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. جڏھن تھ پي ٽي آءِ ميمبر سخت نعريبازي ڪندا رهيا. گڏيل اجلاس 10 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آھي.

ان سڄي صورتحال هڪ صحافي پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل سال اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جي عمل کي غلط قدم قرار ڏنو ۽ پنهنجي راءِ ڏني ته هاڻي پي ٽي آءِ به سمجهي چڪي آهي ته صحيح پليٽ فارم پارليامينٽ ئي آهي، جتي ويهي پنهنجي خدشن جو اظهار به ڪري سگهجي ٿي.تھ وري ٺوس قدم بھ کڻي سگھجن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته  ھن اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي بار بار مطالبي ڪرڻ باوجود شهزاد وسيم کانسواءِ ڪنهن به ميمبر کي ڳالهائڻ جو خاص موقعو نه ملي سگهيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.