ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي زمينن جي نيلاميءَ جو سوال

مصور منگي

ملڪ ۾ زرعي زمينن جي نيلامي سالن کان هڪ تڪراري موضوع رهيو آهي، جنهن جي حامين جو چوڻ آهي ته ان سان معاشي ترقي ۽ لاڳاپيل ادارن جي ترقي کي هٿي ملي رهي آهي جيڪو سراسر ڪوڙ آهي. جڏهن ته مخالف ڌرين جو موقف آهي ته اهو ملڪ ۾ خوراڪ جي عدم موجودگيءَ کي هٿي ڏئي رهيو آهي. تنهنڪري پاڻ ٿورو ڏسئون ٿا ته زرعي زمينن جي نيلاميءَ ۽ کاڌي جي عدم موجودگيءَ بابت ڇا صورتحال جڙي رهي آهي.

زراعت 2022ع ۾ به ملڪ جي، جي ڊي پي ۾ 22.7 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي ۽ ان جي مزدور قوت (Labour Force) جو 37.4 سيڪڙو حصو آهي. ملڪ ۾ وسيع زرخيز زمينون موجود آهن پر غير موثر آبپاشي نظام، گهٽ پيداواري صلاحيت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي کوٽ سبب ان جو زرعي شعبو مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي جن ۾ اهم مسئلو زرعي زمينن جي نيلامي آهي. هن مسئلي بابت عالمي ادارن جون ڇا تحقيقون ۽ تجزيا آهن پهرين ته انهن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO) جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ قابل زراعت زمين 1992 ۾ 52.2 ملين هيڪٽرن مان گهٽجي 2018 ۾ 50.5 ملين هيڪٽر ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ زمين جي استعمال ۾ تبديلي جي سالياني شرح 0.56 سيڪڙو آهي، جيڪو عالمي سراسريءَ موجب 0.29 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

پاڪستان ۾ زرعي زمينن جي نيلامي مختلف قانونن تي عمل ڪري رهي آهي، جن ۾ لينڊ ايڪوزيشن ايڪٽ 1894ع، لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع، ۽ ملڪيت جي منتقليءَ جو ايڪٽ 1882ع شامل آهن. جڏهن ته حڪومت زرعي زمينون عوامي مقصدن لاءِ حاصل ڪري سگهي ٿي جن ۾ روڊن جي تعمير، ڊيم ۽ ٻيا انفراسٽرڪچر يا منصوبا شامل آهن ۽ حڪومت زرعي زمينن کي نجي مقصدن لاءِ پڻ نيلام ڪري سگهي ٿي جهڙوڪ هائوسنگ اسڪيمون، تجارتي منصوبا ۽ صنعتي مقصدن جي بحالي وغيره.

زرعي زمينن جي نيلامي پاڪستان ۾ خوراڪ جي تحفظ جي مختلف چئلينجن کي جنم ڏنو آهي. ان جي بنيادي چئلينجن مان هڪ، زرخيز زرعي زمينن کي غير زرعي استعمال ۾ تبديل ڪرڻ آهي. زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي سبب خوراڪ جي قيمتن ۾ حد کان وڌيڪ روز بروز اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري سماج جي غريب ۽ ڪمزور طبقن لاءِ کاڌ خوراڪ تائين رسائي مشڪل ٿي وئي آهي.

گلوبل هنگر انڊيڪس 2022ع جي رپورٽ مطابق، پاڪستان 121 ملڪن مان 99 هين نمبر تي آهي، جيڪا 26.0 جي اسڪور سان بک جي سنگين سطح جي نشاندهي ڪري ٿي.

حڪومت خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کڻي چڪي آهي جن ۾ 2019ع ۾ نيشنل زيرو هنگر پروگرام شامل آهي جنهن جو مقصد 2030ع تائين بک ۽ غذائيت جو خاتمو آڻڻ آهي جڏهن ته زرعي زمينن جي نيلامي ساڳئي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ الڳ مسئلو بڻجي ڪَرُ کڻي بيٺل آهي.

زرعي زمينن جو رهائشي علائقي ۾ تبديل ٿيڻ:

اڪثر چيو ويندو آهي ته زراعت پاڪستان جي معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي (Backbone) آهي جيڪا ڳالهه هاڻي ڪوڙي ثابت ٿي چڪي آهي انهيءَ جو اندازو پاڪستان جي سروي رپورٽن کي پڙهندي آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي معيشت ۾ هاڻي زراعت جو 22.7 سيڪڙو حصو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي وڌندڙ آبادي سان، خوراڪ جي طلب ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ان ڪري ضروري آهي ته زرعي زمينن کي ريئل اسٽيٽ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچايو وڃي.

وڌندڙ آبادي ۽ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو هڪ عالمي مسئلو آهي جيڪو پاڪستان ۾ زرعي زمينن کي ريئل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪرڻ سان وڌيڪ ڳنڀير صورتحال ۾ سامهون آيو آهي، هن خطرناڪ رجحان سان خوراڪ جي کوٽ ۽ ماحولياتي تبديلين جهڙن مسئلن ڪرُ کنيو آهي. عالمي ادارن جي تحقيقات تي مشتمل هتي ڪجھه انگ اکر رکجن ٿا ته جيئن ان مسئلن کي سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي.

ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان جي مستقبل ۾ آبادي 1950ع موجب 33 ملين جي لڳ ڀڳ هجڻ جو تجزيو هيو جيڪو هاڻي 2020ع کان 220 ملين کان مٿي آباديءَ لاءِ تجزيو پيش ڪيو پيو وڃي، آباديءَ جي ان تيز رفتار واري واڌ ملڪ جي وسيلن تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو آهي جنهن ۾ زرعي زمين به شامل آهي.

هڪ ٻئي گڏيل قومن جي عالمي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO) موجب پاڪستان 2001ع کان 2017ع جي وچ ۾ 1.8 ملين هيڪٽر زرعي زمين کي شهريت ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ سبب وڃائي چڪو آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر FAO جو ادارو اهو پڻ رپورٽن ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ جي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي خوراڪ کان قاصر آهي. ان کان علاوه پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن.

انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (IFPRI) جي هڪ تحقيق (اسٽڊي) مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن موجوده رجحان جاري رهيا ته پاڪستان جي زرعي زمين 2050ع تائين 30 سيڪڙو مان گهٽجي ويندي جنهن سبب شهري آبادي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ مٽيءَ (Soil) جي تباهيءَ جا چٽا امڪان موجود آهن.

زرعي زمينن کي ريئل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪرڻ سان نه رڳو خوراڪ جي فراهميءَ تي اثر پوي ٿو پر اها ماحول کي پڻ خراب ڪري ٿي. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (UNEP) جي مطابق، زرعي زمينن جي نقصان جي ڪري ٻيلن جي تباهي، مٽي (Soil) جي خاتمي ۽ جيوَ / حياتيءَ جي تنوع (Biodiversity) لاءِ نقصان جو سبب بڻيل آهي.

پاڪستان ۾ زرعي زمينن کي ريئل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪرڻ هڪ اهم مسئلو آهي، هن مسئلي ڏانهن فوري طور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ۽ پاليسي ساز ڌرين کي گهرجي ته ايندڙ نسلن لاءِ زرعي زمينن جي تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ ضروري قدم کڻن. جنهن ۾ اهڙي قسم جون پاليسيون لاڳو ڪرڻ شامل هجن جيڪي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ کانسواءِ پائيدار شھري ترقي جي حوصلا افزائي ڪن ۽ جديد ۽ پائيدار زراعت جي طريقن جي استعمال کي توسيع ڏين. هن مسئلي کي جي حل لاءِ جلد از جلد اپاءَ وٺڻ گهرجن نه ته ٻي صورت ۾ عوام جي بک مرڻ، بيمارين ۽ ماحول جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جا خدشا اڻٽر آهن.

                   (هلندڙ)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.