ڪراچي انتظاميا پاران مهانگائي خلاف مهم جاري

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي انتظاميه پاران شهر جي سڀني ضلعن ۾ سرڪاري اگهن ۽ مناسب قيمت تي شهرين کي کاڌي پيتي جي شين جي  فراهمي لاءِ شروع ڪيل مهم جاري آهي. ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ پاڻ مهم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، ڪمشنر ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ مختلف دڪانن، مارڪيٽن ۽ بچت بازارن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل طحهَ سليم ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. نارٿ ناظم آباد ۾ مختلف دڪانن تي پنهنجي نگراني ۾ شهرين کي سرڪاري اگهن تي کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪرايون. رمضان مهيني جي ڇهين ڏينهن ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه جي آفيسرن 152 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي ڏنڊ لاڳو ڪيا جڏهن ته ضلع ڪورنگي ۾ هڪ دڪان سيل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.