بلديا سانحي ڪيس جي شاهدن جي فهرست عدالت ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بلديا سانحي ڪيس ۾سزائن خلاف جوابدارن جي اپيل ۽  چئن جوابدارن جي بريت خلاف سرڪار جي اپيلن جي ٻڌڻي ٿي.جوابدار زبير چريا ۽ رحمان ڀولا جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل ڪيس جي شاهدن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.وڪيل جو چوڻ هو ته 4 سئو شاهد آهن، جنهن ۾347 سرڪاري باقي پرائيويٽ آهن، ڪيس جي 53 شاهدن کان پڇاڻو ضروري آهي.عدالت چيو ته اسان سمجهي رهيا هئاسين ته ڪيس جلد حل ٿي ويندو پر هتي ته الجهاءُ آهي.عدالت چيو ته پراسڪيوٽر سان ملي ڪري شاهدن جي حتمي لسٽ ٺاهي وڃي جڏهن ته عدالت ڪيس جي اسيپشل پراسڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻِي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.