ڪراچي(رپورٽر)اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انشاء الله سنڌ حڪومت اڄ اربع کان صوبي جي مستحق ماڻهن کي 15.6 ارب روپين جي سبسڊي جي ورڇ شروع ڪري ڇڏيندي. اها رقم اٽي جي خريداري جي مد ۾ ڏني پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سنڌ جا 78 لک خاندان هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندا. اڱارو منجهند کان مستحق خاندانن کي ايس ايم ايس اچڻ شروع ٿي ويندا . هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ميسيج نه مليا آهن ته 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر اماڻي تصديق ڪري سگھي ٿو .