پارليامينٽ ۽ عدليه ۾ سڌي جنگ شروع، پي ٽي آ ءِ حامي ججن تي ڇتي تنقيد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ)  عدليا ۽ پارليامينٽ آخرڪار کليل نموني هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون آهن، اعليٰ عدليا سياسي آگاڙي جي ڏيک ڏيندي رهي جتي  پي ٽي آءِ جا حامي هجڻ واري الزام هيٺ آيل جج کليل نموني پي ٽي آءِ جي درخواست تي وڪيل علي ظفر کان وڌيڪ جج درخواست جي حق ۾ دليل ڏيندا رهيا.

نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي موجب صاف نظر  اچي رهيو هو ته حڪومت جي وڪيل اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ڊي ايم جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ  جي دليلن کي نه سنجيدگي سان ٻڌو پئي ويو نه اهميت ڏني پئي وڃي. اهو به ته وڪيل علي ظفر ڄڻ ته عدالت جو مددگار نظر اچي رهيو هو. ان صورتحال مان اندازو ٿي رهيو آهي ته فيصلو ڪهڙو ايندو.

صحافي مطيع الله جو چوڻ آهي ته عدالت جي روئي  مان لڳي رهيو آهي ته اڄ  فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي ته حڪومت فنڊ مهيا ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تائين چونڊون ڪرائي. ڇو ته عدالت سياسي پارٽين کي ٻڌڻ  لاءِ تيار نه آهي ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ  ۽  فاروق ايڇ ناائيڪ جي  دليلن کي ڪابه اهميت نه آهي.

صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ  آهي ته عدليا پنهنجا آئيني اختيار اورانگهي گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. نتيجي طور پارليامينٽ ۽ عدليا آمهون سامهون اچي چڪيون آهن ۽ پي ڊي ايم کي عام چونڊن  لاءِ عدليا بهترين عدليا مخالف طاقتور بيانيو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عدا لت جا اهي ريمارڪس ته پگهارن مان ڪٽوتي ڪري چونڊن لاءِ 20 ارب رپيا جمع ڪيو ان مان واضح آهي ته  عدالت ڇا ٿي چاهي پر ان دوران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ۽ عدليا بابت قانونن ۾ ترميمن جا فيصلا  به ان طرف ڌيان ڇڪائي رهيا آهن ته پارليامينٽ به پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ ۽ عدليا سان ٽڪر کائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

صحافي امداد سومري جو  جو چوڻ آهي ته صورتحال اهڙي هنڌ پهچي چڪي آهي جو وزيراعظم گهر ويندو يا ڪو ٻيو گهر ويندو. ڇو ته ماضيءَ  جي سياسي تاريخ اها ئي آهي، ڪو وزيراعظم  ڦاهي چڙهي ويو. ڪي نااهل ٿي ويا. هن ڀيري حالتون مختلف ان ڪري آهن ڇو ته عدليا پاڻ ورهائجي چڪي آهي. جڏهن ته سياسي پارٽيون متحد آهن. صرف پي ٽي آءِ عدليا جي پاسي بيٺل آهي.

سينيئر صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ به عدليا سان گڏ هوندي. هئي پر هن ڀيري سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ خاموشيءَ سان پارليامنيٽ سان گڏ آهي.

نامياري صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو  چيف جسٽس ۽ هم خيال ججن کي تنقيد  جو نشانو بڻايو ۽  عدليا سان جنگ جو طبل وڄائي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز اربع 29 هين مارچ 2023ع تي شايع ٿيو

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    "صحافي مطيع الله جو چوڻ آهي ته عدالت جي روئي مان لڳي رهيو آهي ته اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي ته حڪومت فنڊ مهيا ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تائين چونڊون ڪرائي. ڇو ته عدالت سياسي پارٽين کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ فاروق ايڇ ناائيڪ جي دليلن کي ڪابه اهميت نه آهي.”
    Here in USA mteA’Allah Jan is famously known as "Dear John” and is favorat to construction Guyes.
    صحافي متيع الله جان کي هتي آمريڪا ۾ ڊيئر جان واري نالي سان سڃاتو ويندو آھي ۽ نهايت مشھُور آھي..

Leave A Reply

Your email address will not be published.