ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ نياڻين جي تعليم جي منصوبي جي باني کي ڪابل ۾ طالبان اختيارين گرفتار ڪري ورتو آهي، اي ايف پي مطابق افغان طالبان گذريل سال نياڻين جي سڪينڊري اسڪول جي تعليم تي پابندي هنئي هئي.
افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن ٽوئيٽ ڪيو ته ” پين پاٿ“ جي سربراهه ۽ نياڻين جي تعليم جي حامي مطيع الله ويسا کي سومر تي ڪابل ۾ گرفتار ڪيو ويو.
مطيع الله ويسا جي ڀاءُ سميع الله ويسا ٻڌايو ته مطيع الله نماز ختم ڪري مسجد مان ٻاهر نڪتو ته ٻن گاڏين ۾سوار ماڻهن کيس روڪيو، جڏهن مطيع الله انهن کان شناخت جي باري ۾ پڇيو ته انهن مٿس تشدد ڪيو ۽ زبردستي گاڏي ۾ وجهي کيس کڻي ويا.