اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ايڊووڪيٽ ايمان زينب مزاري چيو آهي ته اڄ حسن عسڪري جي خاندان ٻن سالن کانپوءِ پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ميجر جنرل(ر) سيد ظفر مهدي عسڪري فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ٻه جنگيون وڙهيون پر اڄ سندن خاندان مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي.
هن چيو ته اسان هي پريس ڪانفرنس ڪري هڪ وڌيڪ رسڪ کڻي رهيا آهيون، ڇو ته حسن عسڪري جي جان کي اڳ ئي خطرو آهي.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) باجوا کي تنقيدي خط لکڻ جي الزام م پنج سالن جي قيد جي سزا ماڻيندڙ حسن عسڪري جي والد ميجر جنرل(ر) سيد ظفر مهدي عسڪري چيو آهي ته ڪيس جو فيصلو اڄ تائين وارثن يا وڪيل کي نه ٻڌايو ويو، مون 33 سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته 2 آڪٽوبر 2020ع تي سويلين پٽ حسن عسڪري کي اسلام آباد ۾ واقع گهر مان کنڀڻ جي فوري بعد فوجي اختيارين حوالي ڪيو ويو.
حسن عسڪري کي ان کانپوءِ ڪورٽ مارشل ڪري پنج سالن جي سخت سزا ٻڌائي وئي، هن چيو ته هو پنهنجي پياري فوج جي لاڳاپيل اختيارين سان گذريل اڍائي سالن کان ملاقات لاءِ وقت گهري رهيو آهي، ٻه درجن کان وڌيڪ خط لکي چڪو آهيان، پر اڄ تائين نه هن جي خطن جو جواب ڏنو ويو نه ئي ملاقات جو وقت ٻڌايو ويو.
هن چيو ته اسان جي ان آزمائش جو سبب پٽ جا آرمي چيف ۽ سينئر جنرلن لکيل مبينه خط آهن جنهن ۾ هن فوج جي ڪجهه فيصلن جي اثرن جي صورت ۾ پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي طور تي متاثر ٿيڻ جي خدشن جو اظهار ڪيو هو.
هن چيو ته حسن عسڪري جو هڪ بدترين غيرمنصفاڻو، غير شفاف ۽ جانبداراڻو فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ٽرائل ڪيو ويو، ڪورٽ جي پوري ڪارروائي دوران ڪٿي نه ٻڌايو ويو ته مبينه خط سان ڪٿي فوج ۾ بغاوت ٿي يا سينئرز جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، ان سبب جي ڪري حسن عسڪري يا هن جي وڪيل لاءِ پنهنجو دفاع ناممڪن بڻايو ويو.