دڙي ۾ آدمشماري عملي جي استادن پاران سهولتون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ڊجيٽل آدمشماري جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو ويو
استادن عمران آرائين، غلام شبير ڏيٿو، غلام رسول رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳڻپ ۽ گهر شماري جو بائيڪاٽ ڪري اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنجويهه ڏينهن کان آدمشماري جون ڊيوٽيون ڪيون ٿا پر ٽرانسپورٽ جون سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن
هنن چيو ته گاڏين ۾ پيٽرول پنهنجي کيسي مان ڀرائي رهيا آهيون، ڏورانهين علائقن ۾ به ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪيون ٿا پر اي سي پيسا ڏيڻ بدران ٽال مٽول ڪري رهيو آهي
استادن اختيارين کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين اسان کي پنهنجو حق نه ملندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو
دڙو ۾ ڊجيٽل آدمشماري جو بائيڪاٽ، عملي پاران ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري
You might also like