”رمضان هلي رهيو آهي“ آئمه بيگ جي بولڊ انداز تي مداح ڪاوڙجي پيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا آئمه بيگ رمضان المبارڪ ۾ بولڊ تصوير شيئر ڪري مداحن کي چيڙائي وڌو.

آئمه بيگ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ جينس ۽ گلابي ڪوٽ ۾ نظر اچي رهي آهي.

تصوير جي ڪيپشن ۾ گلوڪارا ”لنڊن نائيٽس“ لکيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Aima Baig (@aima_baig_official)

پر مداحن کي آئمه بيگ جي اها تصوير صفا نه وڻي ۽ اهي مٿس ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن.

هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ”رمضان ۾ ته چڱي ڊريسنگ ڪندا ڪيو“.

ٻئي واهپيدار لکيو ته ”رمضان اچي ويو آهي، روزا رکو“، جڏهن ته هڪ واهپيدار لکيو ”آئمه باجي لنڊن وڃي اهو وساري ڇڏيو آهي ته رمضان هلي رهيو آهي“.

ڪجهه ماڻهن آئمه بيگ جي ان تصوير جي واکاڻ به ڪئي آهي.

واضح رهي ته آئمه بيگ سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصويرن سبب تنقيد کي منهن ڏيندي رهندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.