قومي اسيمبلي ۾ سڀني اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي سڀني اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت ٺهراءُ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيش ڪيو.

ٺهراءَ جي متن موجب اعليٰ عدليا سياسي ۽ انتطامي معاملن کان پاسو ڪري، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن جي آئيني اختيارن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊون ڪرائڻ ڏنيون وڃن، معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، سڀني اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، اهڙا معاملا جن ۾ اجتماعي معاملا هجن، اهي فل ڪورٽ ٻڌي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.