افطاري کانپوءِ سگريٽ ڇڪيندڙ هيءَ خبر ضرور پڙهن!

 

انقرا (ويب ڊيسڪ) افطاري کانپوءِ تڪڙي سگريٽ ڇڪڻ سان نه رڳو دل کي تڪليف جو خطرو هوندو آهي پر اهو عمل جسماني ڪمزوري ۽ هٿ ڏڪڻ جو سبب به بڻجندو آهي.

ترڪي ۾ ڪئي ويندڙ هڪ تحقيق موجب روزو کولڻ کانپوءِ تڪڙي سگريٽ ڇڪڻ کان وڌيڪ صحت لاءِ خطرناڪ ڪو ٻيو عمل ڪونهي.

تحقيق سان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته افطاري وقت جسم کي پاڻي، گلوڪوز ۽ آڪسيجن جي سخت ضرورت هوندي آهي، ان وقت سگريٽ جو هڪ ڪش رڳن کي سُڪائيندو آهي ۽ رت ۾ آڪسيجن کي مناسب مقدار ۾ جذب ٿيڻ ناهي ڏيندو.

ان جي نتيجي ۾ رت گهاٽي ٿي ويندي آهي، جنهن سان ان جي ڄمڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، دل جو ڌڙڪو گهٽ وڌ ٿي ويندو آهي، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول جو مقدار وڌي ويندو آهي.

تحقيق موجب انهن سڀني عملن سان دل جي بيمارين جو خطرو به وڏي پئماني تي وڌي ويندو آهي ۽ جيڪي اڳ کان دل جا مريض آهن، انهن لاءِ دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.