هي عام نظر ايندڙ شيءِ ” اي سي “ جي گهرج ختم ڪري ڇڏيندي

سائنسدانن هڪ اهڙي ” مس “ تيار ڪري ورتي آهي جيڪا عمارتن ۽ گاڏين ۾ ايئر ڪنڊيشنر ( اي سي ) جي ضرورت ختم ڪري ڇڏيندي.

سائنسدانن ان کي دنيا جي پهرين فيز چئينج انڪ قرار ڏنو آهي جيڪا توانائي جي استعمال ۽ زهريلي گئسن جي خارج ۾ لاٿ آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

جرنل آف ميٽريلز ڪيمسٽري ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ ان ڪانسيپٽ انڪ بابت ڄاڻايو ويو آهي ته جنهن جي تياري لاءِ نانو ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيوويو آهي ته جيئن هر قسم جي ماحول ۾ گرمي پد تي ظابطو آڻي سگهجي.

اِها انڪ گرمي پد کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپاسي واري ماحول ۾ ريڊي ايشن جي مقدار کي ايڊجسٽ ڪندي آهي.

آسٽريليا جي ميلبورن يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ محققن ڄاڻايو آهي ته اهڙي قسم جي مس ذريعي ڪوٽنگ تيار ڪري سگهبي ته جيئن عمارت کي گرم يا ٿڌو رکي سگهجي، جنهن سان بجلي جي کپت ۾ پڻ گهٽتائي ايندي.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته انسان عمارت، گهرن، ۽ گاڏين کي گرم يا ٿڌو رکڻ لاءِ تمام گهڻي توانائي خرچ ڪندا آهن.

هنن جو چوڻ هو ته اسان ماحولياتي نقصان گهٽائڻ لاءِ توانائي جي رڳو ماحول دوست ذريعن تي ڀاڙي نٿا سگهون، اسان کي توانائي جي گڏيل کپت ۾ لاٿ آڻڻ جي ضرورت آهي.

ماهرن موجب اسان جي تيار ڪيل مس پنهنجي ڀرپاسي واري ماحول پٽاندڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي جنهن ذريعي نه رڳو توانائي جي استعمال جي شرح ۾ لاٿ ايندي آهي پر اسان گرمي پد ڪنٽرول ڪرڻ وارن سسٽمز جي ضرورت به ختم ڪري ڇڏي آهي.

ان مس کي ڪنهن عمارت جي مٿانهين حصي تي استعمال ڪرڻ سان اندر سج جي تپش کان نمايان تحفظ ملي سگهندو جڏهن ته رات جو اِها گرمائش فراهم ڪرڻ جو ڪم ڏيندي.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انڪ کي اسپري يا ڇڙڪائڻ سان گڏوگڏ پينٽ ۽ عمارتي سامان جو حصو بڻائي به استعمال ڪري سگهبو.

اهڙي طرح لباس تي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو جنهن سبب وڌيڪ گرم يا ٿڌي موسم ۾ انساني گرمي پد کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

محققن ٻڌايو ته نئين ٽيڪنالوجي ان ايجاد کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي جيڪا اسان جي ماحول لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي.

فلحال اِها مس ڪانسپيٽ مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ ماهرن طرفان ان تي وڌيڪ ڪم ڪري عملي زندگي ۾ ان لاءِ استعمال جا تجربا ڪيا ويندا.

ان کانپوءِ مس جي وڏي پيماني تي تياري شروع ٿي سگهندي ۽ ائين ڪجهه سالن تائين ئي ممڪن هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.