هاڻ واٽس ايپ تي هڪ ڀيرو ٻڌڻ بعد وائس پيغام وري نظر نه ايندو!

واٽس ايپ ۾ هڪ ٻئي اهم ۽ ڪارائتي فيچر جو واڌرو ڪيو ويو آهي جيڪو انهن واهپيدارن کي پسند ايندو جيڪي تمام گهڻا آڊيو پيغام موڪليندا آهن.

اِهو نئون فيچر تصويرون لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ متعارف ڪرايل ويو ونس فيچر وانگر ڪم ڪري ٿو، معنيٰ آڊيو پيغام اوپن ٿيڻ کانپوءِ چيٽ تان پاڻمرادو گم يا ڊليٽ ٿي ويندو.

هڪ رپورٽ موجب ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي ان پريشاني مان ڇوٽڪارو ملندو ته سندن حساس آڊيو پيغامن جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو.

ڄاڻايل فيچر تحت اُماڻيل آڊيو پيغامن کي محفوظ ڪرڻ ممڪن نه هوندو ۽ هڪ ڀيرو ٻڌڻ کان پوءِ اِهي گم ٿي ويندا.

اِهو فيچر فلحال تياري جي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ بيٽا ورزن ۾ دستياب آهي، انڪري فلحال اِهو واضح نه آهي ته اِهو فيچر ڪيستائين واهپيدارن کي دستياب هوندو.

جڏهن ويو ونس فيچر متعارف ڪرايو ويو هو ته ڪمپنيءَ ڄاڻايو هو ته ان فيچر کي واءِ فاءِ لاگ ان تفصيل يا ٻين حساس تفصيلن جون تصويرون شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهبو.

هاڻي هي آڊيو فيچر به اهڙي قسم جو هوندو ۽ واهپيدار حساس ڄاڻ جهڙوڪ پاس ورڊ يا ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل وغيرا شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ ليڪ ٿيڻ جو خطرو به نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.