ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي پاران شهر ۾ گندگي ۽ صفائي عملي کي پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو
شهرين ۽ ايس يو پي ڪارڪنن شمشام ميڻو، خالد لاشاري، عباس چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ايڊمنسٽريٽر عمران گهمرو خلاف نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن کان عمران گهمرو ميونسپل ٻولهاڙي ۾ آيو آهي تڏهن کان نه ئي صفائي ٿئي ٿي ۽ نه ئي ملازمن کي پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون.
هنن چيو ته ڪرپٽ ۽ راشي ايڊمنسٽريٽر عمران گهمرو کي هٽائي ملازمن کي پگهارون ڏيارڻ سميت شهر مان صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي پاران گندگي ۽ صفائي عملي کي پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج
You might also like