هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي موبائل فونز ۽ شراب جي سمگلنگ ناڪام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪسٽمز جناح ايئرپورٽ ڪلڪٽريٽ ڪراچي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي موبائل فونز ۽ شراب جي سمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏيو.

جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪسٽمز جي عملي دبئي کان ڪراچي پهچندڙ شهريار امجد نالي مسافر کي شڪ جي بنياد تي گرين چينل تي روڪي سامان جي اسڪيننگ دوران موبائل فونون ۽ شراب هٿ ڪيو.

مسافر جي ٿيلهي مان 68 عدد قيمتي موبائل فونون، 8 شراب جون بولتون ۽ 212 پيڪيٽ فوڊ سپليمينٽ ضبط ڪيا ويا.

ڪسٽمز ترجمان موجب فوڊ سپليمينٽ تي 77 لک رپيا ڊيوٽي ٽيڪس ٿئي ٿو، مسافر خلاف ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس باضابطا طور گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.