زال سان تڪرار تي همراهه ڌيءَ کي ڀت ۾ هڻي ماري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) راجسٿان جي جهنجهنو ضلعي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي 15 سالن جي ڌيءُ کي ڀت ۾ هڻي ماري ڇڏيو.

جوابدار ڪيلاش پنهنجي زال ڪويتا سان ان ڳالهه تي جهيڙو هلي رهيو هو ته ڪيلاش زال کي ناني جي گهران وٺي وڃڻ چاهي پيو جنهن کان ڪويتا انڪار ڪري رهي هئي.

جوابدار ان موقعي تي زال کان ڌيءُ کسي وڃي رهيوهو جنهن تي جهيڙو ٿي پيو ۽ همراهه ڪاوڙ پنهنجي ڌيءُ مان ڪڍي ۽ کيس ڀت ۾ وهائي ڪڍيائين، نينگري ڀت سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پئي ۽ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيائين.

پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.