ڀارتي اداڪارا آڪانڪشا دوبي گذريل ڏينهن مبينا طور تي آپگهات ڪيو هو، جنهن جي آپگهات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ جي وڊيو منظر تي اچي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب وارانسي جي هڪ هوٽل ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ ڀوجپوري اداڪارا آڪانڪشا دوبي کي پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو اجهائڻ کان اڳ انسٽاگرام لائيو تي روئندي ڏٺو ويو.
#AkankshaDubey‘s body was found today in a Hotel room in Sarnath. She attended a birthday party last evening, she came Live on Instagram after returning, she was crying, did something wrong happened to her in the party which forced her to take this step, or this is not a sucide. pic.twitter.com/0SiqDyj5xf
— Amitabh Chaudhary (@MithilaWaala) March 26, 2023
25 ورهين جي آڪانڪشا دوبي پنهنجي ايندڙ نئين فلم جي يونٽ سان گڏ وارانسي جي هوٽل ۾ ترسيل هئي ۽ فلم جي عڪسبندي ۾ مصروف هئي.
اداڪارا جي آپگهات تي سوال اٿڻ لڳا آهن، مداحن جو چوڻ آهي ته اهو آپگهات نه قتل آهي.
هوڏانهن ڀارتي پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي اداڪارا پنهنجي هوٽل جي ڪمري مان مئل حالت ۾ هٿ آئي هئي.