اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ايران جي 8 شخصيتن ۽ ٻن ڪمپنين تي پابنديون هڻي ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا ايران ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، ڊرون ۽ بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ تي پابنديون لڳايون.
ڪينيڊين پرڏيهي وزارت موجب پابنديون ايران ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي لڳايون ويون آهن، پابندين ۾ ايراني پاسداران انقلاب، قانون لاڳو ڪندڙ فورس جا اهلڪار، ڊرون ۽ بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ ۾ ملوث ايراني اختياريون به شامل آهن.
پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجي ماڻهن جي جائز مطالبن خلاف بدترين دٻاءَ جي پاليسي ڇڏي.