آمريڪا ۾ اسڪول ۾ فائرنگ، 3 شاگردياڻيون مارجي ويون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽينيسي جي شهر نيشول جي اسڪول ۾ فائرنگ سان 3 شاگرد مارجي ويا.

پوليس موجب اسڪول تي حملو ڪندڙ جوابدار جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو.

فائرنگ جو واقعو صبح ساڍي 10 وڳي ٿيو، پوليس کي فون ڪال ذريعي اطلاع مليو ته ڪوويننٽ اسڪول ۾ هٿياربند فائرنگ ڪئي آهي.

وينڊربلٽ يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جي ترجمان چيو ته فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ هڪ شخص علاج هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.