مُلڪ ۾ سون اگهه ۾ مسلسل لاٿ، سوين رُپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سون جي اگهه ۾ اڄ هڪ ڀيرو وري لاٿ آئي آهي ۽ سون يارنهن سئو رُپيا وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب مُلڪ ۾ سون جو في تولو يارنهن سئو رُپيا لاٿ بعد ٻه لک چار هزار ڇهه سئو رُپين جي ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت به 944 رُپيا گهٽجڻ بعد هڪ لک سٺ هزار ست سئو چورانوي رُپيا ٿي وئي آهي.

عالمي مارڪيٽ سون جو مُلهه 28 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 1950 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.