پتو ناھي وري آئيني ۽ سياسي بريڪ ڊائون ٿي وڃي، باهه ھر طرف لڳل آهي، سياستدانن جي اکين ۾ رت لھي آيو آهي ۽ اھي مينھن واچ ڪندي اهڙي ٽڪراءُ ڏانهن ڊوڙي رهيا آهن جتان واپسي ممڪن نه ٿيندي.ھڪڙي سول سوسائٽي سياستدانن جي وچ ۾ مفاهمت لاءِ هڪ ننڍڙي ڪوشش ورتي آهي ته جيئن ماحول جي گھٽ ٻوسٽ گھٽجي ۽ سياستدانن جي وچ ۾ ھڪ رابطي جي شروعات ٿئي.
خوفناڪ سياسي ورڇ واري ماحول ۾ ھي پبلڪ ڊپلوميسي تلوار جي تيز ڌار تي هلڻ برابر هئي. پھرين تھ مختلف خيال رکندڙ دانشمندن جي الجھيل سياسي ڳنڊين کي پنھنجن ڏندن سان کولڻ جي دعوت ڏيڻ ڪنھن ڏکئي مرحلي سرانجام ڏيڻ کان گھٽ نھ ھئي،مٿان کان ماحول جي بي ثباتي ۽ فڪري ڪثافت. خير ڏهاڪن کان تجربيڪار جمهوري ۽ انساني حقن جا داعي گڏ ٿيا ۽ ھنن ھڪڙو غير رسمي گروپ ٺاهيو جنهن جو نالو( The Mediators)دي ميڊيٽرز آهي ۽ سياستدانن جي نالي هڪ نقاطي اپيل جاري ڪئي ته مھربان اڳواڻو آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊون منعقد ڪرائڻ تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. ھر ٻن مخالف ڌرين ۾ جيڪو معاملو سڀ کان وڌيڪ تڪراري بڻيو ھو (۽ آهي) سو اھو ته عمران خان ھر حالت ۾ ٻنهي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ تي بضد هو، جيڪا آئيني تقاضا به آهي جڏهن ته مسلم ليگ ن ۽ ان جي اتحادي حڪومت جو اصرار آھي تھ سموريون چونڊون ھڪڙي ئي تاريخ تي آڪٽوبر ۾ ڪرايون وڃن.
هڪڙي پاسي عمران خان کي خدشو آهي ته جيڪڏهن چونڊون ۾ دير ڪرائي وئي تھ ان دوران کيس چونڊ عمل کان ٻاهر ڪيو ويندو ۽ ٻئي پاسي حڪومت ننھن کان چوٽي تائين زور ڏئي رھي آھي تھ عمران خان کي ڳچ ڪيسن ۾ ڦاسايو وڃي۽ سندس ڪارڪنن جي زندگي تنگ ڪئي وڃي، هاڻي وري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو شور آهي ۽ انساني حقن جي حامين جون دليون ٽٽي ويون آهن. ٽياڪڙي ڪندڙن وٽ بس پير رکڻ جي جاءِ ايتري هئي ته اهي سمورا بال سياستدانن جي ڪورٽ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏين ته توھان چونڊن سان لاڳاپيل سمورا معاملا ، انھيءَ مقصد لاءِ گھرايل، اي پي سي ۾ پاڻ ۾ ويھي طئي ڪري وٺو.ان اخلاقي سفارتڪاري کي سمورن سياسي حلقن مان لڳ ڀڳ مثبت موٽ ملي. اسان ڊڄندي ڊڄندي عمران خان سان ملڻ وياسين، ڇاڪاڻ جو خوف ھو ته هو شايد سياسي مخالفن سان هٿ ملائڻ لاءِ مشڪل ئي تيار ھجي،پر دوستن کي يقين ھو تھ خان صاحب بند گھٽي مان نڪرڻ جي لاءِ شايد راضي ٿي وڃي.
اسان جي وفد جي خانصاحب سان زمان پارڪ جي زبون حال رهائش تي ملاقات ڏاڍي خوشگوار رهي ۽ هن گھڻي اطمينان سان،اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي.
اهو هڪ وڏو بريڪ ٿرو ھو ۽ ڏاڍي حوصلا افزائي پڻ پوءِ ڇا ٿيو، سمورين پارٽين کي اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ هڪ نقطي ايجنڊا تي دعوتون ڏنيون ويون ۽ هر طرف ايلچي ڊوڙايا ويا. جماعت اسلامي جي امير جناب سراج الحق سان ملاقات به مثبت رهي ۽ ان کي بھ درخواست ڪئي سين تھ ھو پاڻ بھ ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون ڪتب آڻي، عمران خان جي ڳالهين لاءِ رضامندي پي ڊي ايم جي پارٽين کي عجب ۾ وجھي ڇڏيو.حالانڪھ ھو ھن کان اڳ ۾ بھ ڳالھين تي آمادگيءَ جو بار بار اظهار ڪندو رھيو ھو.
اسان جي اپيل کي پھريون وڏو حوصلو عمران خان جي رضامندي کان اڳ، پي ڊي ايم جي جماعتن جي قدآور اڳواڻن جي توثيق سان ميلو، جن ۾ اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شير پائو، محسن داوڙ، علي وزير، سينيٽر مشاهد حسين، سينيٽر رضا رباني، فرحت الله بابر، عابد حسن منٽو ايڊووڪيٽ، حسسن رضا پاشا چئيرمين پاڪستان بار ڪائونسل، اختر حسين صدر عوامي ورڪرز پارٽي، فاروق طارق هيومن رائيٽس موومينٽ، حسين نقي، ايڇ آر سي پي، پي ايف يو جي، سي پي اين اي، ويمن ايڪشن فورم، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سميت 32 تنظيمن ۽ 100 جي لڳ ڀڳ دانشورن ۽ مديرن
آل پارٽيز ڪانفرنس بابت اپيل جي حمايت ڪري ڇڏي.
پر اڃا هڪڙو قدم مس کنيو تھ، سموري انتظامي مشينري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وقت اندر چونڊون ڪرائڻ جي حوالي کان لاچاري ظاھر ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب جي صوبائي چونڊن جو شيڊول ملتوي ڪندي،انھن کي 7 مهينا اڳيان وڌائي ڇڏيو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر معاملو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو. بظاهر ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جي اڪثريتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ جيترا وڪيلن آھن ايتريون ئي تشريحون سامهون اچي رهيون آهن.
پھرين بھ جيڪي سياسي فيصلا ٿيندا رھيا انھن جي اٿيل ڌوڙ اڏائي وئي ۽ هاڻي تھ لڳي ٿو تھ آسمان ڪري سگھي ٿو.ھاڻي خبر ناهي ته فل ڪورٽ ويهندي يا پراڻي بينچ ئي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي. سپريم ڪورٽ کي سياسي بحث ۾ ڇڪڻ سان سياسي بحران حل ٿيندي نظر نٿو اچي. ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته سپريم ڪورٽ چونڊن سان لاڳاپيل سمورا معاملا ان شرط سان پارليامينٽ ڏانهن موڪلي ڇڏي ته تحريڪ انصاف سميت سموريون پارلياماني پارٽيون گڏجي ويهن ۽ سمورن معاملن تي مفاهمت جو رستو ڳولي ان کي ھڪ مناسب آئيني ۽ قانوني شڪل ڏين.
وڌيڪ اھو تھ ٻنھي صوبن جون اسيمبليون بحال ڪيون وڃن ۽ نگران حڪومتن کي فارغ ڪيو وڃي، آئيني طور تي 90 ڏينهن اندر چونڊون کان فرار نٿو ٿي سگھجي ۽ ان کي صرف سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي جي ڪيس طور بھ نبيري سگھجي ٿو.
مون سميت آئين پرست آئين کان منهن موڙڻ جا متحمل نٿا ٿي سگهن. پر جيڪڏهن چونڊون ٻن قسطن ۾ ٿيون ته خبر ناھي ڪھڙو فساد ٿي ويندو ۽ سڄو اليڪشن جو عمل بھ ھڪ خوفناڪ ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي ويندو. ھاڻي اھو امڪان خالص سياسي ڏاھپ جو سوال آھي ۽ سياسي ڏاھپ جو ادارو پارليامينٽ آھي.بھر ڪيف سياسي جنگ جيڪا مان ڏسي رھيو آھيان،ان ۾ ھڪ ٻي وڏي ورڇ ٿيڻ وڃي رھي آھي، آخر ۾ بنيادي سوال، پاڪستان جي عوام جي ووٽ جي حق لاءِ منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ وارو آهي، جيڪو هن مملڪت خداداد ۾ صرف ھڪ ڀيرو ٿي سگھيون ۽ اھو بھ رت ھاڻي انجام ۾ ٿيون.ملڪ کي ٽوڙڻ قبول ڪيو ويو،چونڊيل قيادت کي اقتدار سونپڻ کان انڪار ڪيو ويو،جمھوريت پسند خوش ٿيا تھ ھائبرڊ نظام کڙو ڪيو ويو ھو، اھو ڌڙام سان ڪري پيو،پر اھا سياست جي موقعي پرستيءَ آھي تھ اسان جا اڳواڻ پنهنجي 26 نقاطي سول بالادستي جي ايجنڊا کي پوئتي ڪري خود ھڪ هائبرڊ نظام جي آغوش ۾ اطمينان محسوس ڪري رهيا آهن. عمران خان کي چونڊ عمل مان ڪڍڻ ۽ نواز شريف جي تاحيات نااهلي برقرار رکڻ سياسي استحڪام اچڻ نه ٿيو، انصاف ٿئي ۽ سڀني سان برابر جو ٿئي.
بھرڪيف جان ڦاٿي آھي تھ ڪجهھ باضمير اصول پسند شھرين جي، جن سياستدانن سان ڪجھھ مڪالمي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا اڃان پڻ جاري آھي.
هاڻي پهريون سوال اهو آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ ان معاملي جو فيصلو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اليڪشن شيڊول موجب معاملو طئي ٿيل وقت اندر چونڊن ڪرائڻ جي جو حڪم صادر ڪري ڇڏي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته حڪومت جو انڪار سپريم ڪورٽ سان بغاوت ۽ آئين جي ڀڃڪڙي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن کان بچڻ گهرجي. چونڊون نھ ٿيڻ سان قسطن ۾ به، چونڊون نه ٿيڻ کان بهتر آهن. ۽ جيڪڏهن سياسي افراتفري کان بچڻو آهي ته سياسي پارٽين کي هڪ ئي وقت سمورين چونڊن تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾، اسان جي تاريخ انهن سياستدانن سان ڀريل آهي، جيڪي آمريت جي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل آهن. هن وقت صورتحال اها ئي آهي، جيڪا 1977ع ۾ پاڪستان نيشنل الائنس ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي وچ ۾ پيدا ٿي هئي. پر هن ڀيري شايد جنرل ضياءُ الحق انتظار نه ڪيو جيستائين سمورا معاملا هٿ مان نڪري ويا.