جڏهن اسلام آباد جا باخبر صحافي ٻڌائيندا هئا ته اسان جو سپھه سالار ايڪسٽنينشن وٺڻ جي چڪر ۾ آھي يا علي آفتاب جهڙا باصلاحيت گلوڪار نچندي ڪڏندي ڳائيندا هئا ته ’ايڪسٽينشن دي،پيئي گئي رولي“ ته دل نه مڃيندي ھئي. منهنجو خيال هو ته فوج جو ادارو ايترو مضبوط ئي ان ڪري آھي جو ميرٽ تي هلي ٿو.
اداري جو چيف ايڪسٽينشن وٺندو ته ان جي پويان پنھنجي واري جو انتظار ڪندڙ جنرل ڇا سوچيندا ۽ ڏٺو بھ اھو ته مشرف کان ڪياني سٺو،ڪياني کان راحيل شريف بھتر ،راحيل شريف کان سياڻو باجوا ۽ ظاھر آھي تھ باجوا کان جيڪو بھ اڄڪلهه آهي.نالا بدلجندا وڃن ٿا پر ڏنڊو تھ اھو ئي آھي.
پاڪستان ۾ اهو سٺو اصول هو تھ، جيڪو سپھه سالار ويو تڏھن کان بس چپ ڪري گھر ۾ ويھي رھيو، زندگيءَ ۾ پهريون چيف جنرل ضياءُ الحق ڏٺو هو جنھن کي خدا رٽائرمينٽ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ باءِ ايئر پاڻ وٽ گهرائي ورتو، هاڻي سندس پٽ پنهنجي پيءُ جو مشن پورو ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
مرزا اسلم بيگ ٿورڙو دانشور ٽائپ ھو، ھلڪي ڦلڪي موسيقي ھلائيندو رھندو ھو، پر ھن ڪڏھن بھ پنھنجيون يادگيريون پنھنجي رٽائرمينٽ جي 25 ٽيھھ سالن بعد لکيون، ان کانپوءِ ايندڙ ايترو خاموش ھئا جو اسان کي پتو بھ ناھي تھ جھانگيرڪرامت ڇا ڪندو آھي،
وحيد ڪاڪڙ ڪٿي رھي ٿو، جنرل مشرف مرحوم سان ھاڻي ڪھڙي گلا ڪرڻي جو اھو عقل ڪل ھو ۽ هن رٽائرمينٽ جو انتظار نھ ڪيو.ڪمانڊو اسٽائيل ۾ پنھنجي آپ بيتي لکي ڇڏي،۽ ننڍي بش کي پنھنجي ڪتاب جي مشھوري لاءِ بھ استعمال ڪيو.جنرل ڪياني جي زماني ۾ پھريون ڀيرو ايڪسٽينشن جو ذڪر ٻڌوسين.
ھڪ عدد بزرگ صحافي ۽ دانشور سان رٽائرمينٽ بعد ملندو ھو پر مان ڪڏھن بھ ھن جي ڪڙڪ سموسن ۽ ادب تي ڳالهه ٻول ڪرڻ کان سواءِ ڪا ٻي راءِ ناھي ٻڌي.
جنرل راحيل شريف جي آخري ڏينھن ۾ ”اڀي نه جائو ڇوڙ ڪي، دل اڀي ڀرا نھين “ قسم جي مھم ھلائي وئي پر کيس ايڪسٽينشن نه ملي. پر سندس ريٽائرمينٽ تي پهريون ڀيرو انڪشاف ٿيو ته ريٽائر ٿيندڙ چيف کي قوم ڪيترا پلاٽ ۽ ڪيتري ايڪڙ زمين ڏئي ٿي.
راحيل شريف کي 85 ايڪڙ زرعي زمين به ملي. راحيل شريف سعودي شهزادي جي نوڪري بھ حاصل ڪري ورتي ۽ ان کانپوءِ ڪڏهن به پنهنجي زبان نھ کولي.
جنرل باجوا سپھه سالار تھ ظاھر آھي ميرٽ تي ئي ٿيو ھوندو پر ايڪسٽينشن ھن ڏنڊي جي زور تي ورتي، اسان کي خبر ناهي ته هن کي رٽائرمينٽ تي ڇا ڇا مليو. پر راحيل شريف کان ٻيڻو وقت گذاريو ھو،تھ گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو مال تھ ٺاهيو ئي ھوندو.
پر نه اهو مال ۽ نه ئي سندس عهدي جو حلف ھن جو وات بند ڪري سگهيا.
مونکي جنرل باجوا جي دور ۾ قومي سلامتي جو ٿورو فڪر ان وقت ٿيو ھو، جڏهن هن صحافين کي ٻڌايو تھ ھو صبح جو شيو ڪرڻ وقت صديق جان جو يوٽيوب چينل ٻڌندو آهي.
مون سوچيو ھو تھ، يا خدا، هي اسان جي فوج جو جنرل آهي يا يوٽيوبرز هاڻي هن رٽائرڊ ٿيندي ئي پنهنجي ماتحت جنرلن جو نالو کڻندي انھن ڏانھن آڱريون کڻڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
دنيا ۾ فوج ڪهڙي به هجي، چاهي ڊي ايڇ اي بڻائيندڙ اسان جي ھجي يا آمريڪا جي غريب ٻارن کي گڏ ڪري ٺاهي وئي هجي.سڀني ۾ هڪ وصف گڏيل آهي ته ساٿي فوجي زخمي ٿي وڃي ته گولين جي برسات ۾ به ان کي ڪلهي تي کڻي محفوظ مورچي تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهن. جيڪو جنگ جي ميدان ۾ توھان جي حڪم تي جان ڏيڻ جي لاءِ آهي، تنهن جو ايترو اعتبار تھ ٺھي ٿو.
الله پاڪ جنرل مشرف جي مغفرت فرمائي، ھن اھا خراب ترين حرڪت ڪئي ھئي جو پنھنجي ڪارگل جي شهيدن کي پنهنجو مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو، جنرل باجوا ان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي.
سوچيو، توهان جنرل باجوا جي ڪمان ۾ جنگ جي محاذ تي وڃو، دشمن سامھون اچي تھ جنرل باجوا زيرڪمان آفيسرن طرف اشارو ڪري دشمن کي چئي تھ ، وڙهڻ لاءِ تھ ھي آيا آهن، انهن کي گولي ھڻو، مان تھ صرف ھتان کان گذري رھيو هوس.
اسان فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ رکي آھي، هاڻي خبر ناهي هن فوج جي حفاظت ڪير ڪندو. صديق جان کي تھ ظالمن جيل ۾ وجھي ڇڏيو آھي.