گداگري معاشري جي هڪ منفي تصوير

غلام مهدي بلوچ

پاڪستان جي تقريبن هر شهر ۾ پينو فقيرن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي جنهن ۾ پوڙها، پوڙهيون ، عورتون، مرد، ٻار توڙي خواجه سرا عام روڊ، سگنل، چوڪ، هوٽل، شادي هال ۽ پيٽرول پمپن سميت مختلف جڳهن تي اسان کي نظر ايندا آهن. پينو فقيرن جا تمام وڏا گروپ ٿين ٿا جنهن ۾ ٻارن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جڏهن ته عام ماڻهو جڏهن پيٽرول ڀرائڻ لاءِ پمپ تي بيهندو آهي ته فقيرن جي نظر ان ماڻهو تي هوندي آهي ۽ ڏسندي ئي سمجهي ويندو آهي ته هي ماڻهو خيرات ڏيندو يا نه اهڙي ريت اسين جيڪڏهن ڪراچيءَ جي ڳالهھ ڪيون ته علائقا لکندي لکندي ڪالم ڀرجي ويندو ۽ مقصد اوهان تائين نه پهچي سگهندو. ان لاءِ مقصد جي ڳالهھ اها آهي ته اوهان ڪڏهن سوچيو نه هوندو ته آخر ايڏا فقير آهن ۽ انهن جي پنڻ جون مختلف مهارتون آهن جنهن ۾ ڪو روڊ تي بيهي رڙيون ڪندو آهي ته منهنجي ڀيڻ جو روڊ تي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي ۽ هو ڦٿڪي رهي آهي خدارا مدد ڪيو اهڙو واقعو آءُ پاڻ بوٽ بيسن واري سگنل تي ڏٺو ته منهنجي دوست ان کي هڪ سئو روپيا ڪڍي ڏنا مون هن کي چيو ته هو ته ڪوڙ پيو ڳالهائي تون هن کي خيرات ڇو ڏني جنهن تي دوست ڪاوڙجي ويو ۽ چوڻ لڳو "تون ته يار صحافت ۾ اچي انسانيت ئي وساري ڇڏي آهي” جنهن تي مونکان کل نڪري وئي مون هن کي ڪو به جواب نه ڏنو.

آخرڪار ڪجهه ڏينهن ئي مس گذريا ته ساڳي دوست فون ڪئي چيئي ڪٿي آهين مون چيو بابا پريس ڪلب آهيان ته وراڻو ڏنائين جلدي ٻاهر نڪري اچ، آءُ ٻاهر ويس هن گاڏي ۾ ويهاريو ۽ نيشنل ميڊيڪل سينٽر وٺي هليو، مون پڇيو مسئلو ڇاهي چيائين هتي ساڳيو ماڻهو اڄ روئي پيو ۽ چوي پيو ته منهنجي نياڻي جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي پر نظر نه ٿو اچي ڪيڏانهن ويو، جنهن تي مون چيو هل هو هاڻي ڊفينس سائيڊ هوندو اڳتي ويا سين ته ڊفينس فيز 1کان مڪ ڊونالڊ واري ڀرسان ساڳيو ڊرامو رچايون ويٺو هو جنهن تي دوست چيو ته تون واقعي صحيح پيو چوين هل ته هلونس هلي ڪري پوليس حوالي ڪيونس، جنهن تي وري آءُ کلندي وراڻو ڏنو مانس ته منهنجا سهڻا هن کي پوليس وارا ئي لوڪيشن ٻڌائيندا آهن ته هاڻي فلاڻي چوڪ تي بيهه، جنهن تي دوست اڃا وڌيڪ پريشان ٿي ويو. اهڙي طرح هي صرف هڪ ڊرامو جيڪو مون اکين آڏو ڏٺو ٻيو ڊرامو سيڪريٽريٽ ٻاهران به هڪ عورت سدائين پنهنجي نياڻين کي اسڪول يونيفارم پارائي بيهاريندي آهي ۽ هڪ پلي ڪارڊ به هٿن ۾ ڏيندي آهي جنهن تي لکيل هوندو آهي ته فيس جا پيسا ناهن خدارا مدد ڪيو جيڪو پڻ هڪ ڊرامو آهي. هي ته تمام ننڍڙا مثال هئا اڳتي پڙهو ته اوهان جا هوش اڏري ويندا. اصل مستحق ته خبر ناهي ڳولهڻ ۾ ملندا به يا نه يا ته وري اهڙن ڊرامي بازن کي ئي عام ماڻهو مستحق سمجهي خيرات ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

هڪڙا پينو فقير معاف ڪرڻ جو ٻڌي سائيڊ ٿي وڃن ٿا ٻيا اهڙا به آهن جيڪي هر هر منع ڪرڻ سان به ناهن مڙندا ۽ جيستائين گاڏي ۾ ويهي زبردستي هنن کان ڀڄجي نه ته تيستائين ناهن ڇڏيندا، اهڙا ئي عجيب و غريب نموني باز فقير وري ٻيا به آهن جيڪي مختلف سگنلز تي بيٺا هوندا آهن ۽ جيئن ئي ريڊ سگنل ايندو ته هو توهان جي گاڏي جي شيشي تي سرف جو پاڻي هاري ڇڏيندا ۽ وائيپر سان صاف ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا پوءِ اچي چوندا سائين قرب ڪيو ڪجهه ڏيو، پوءِ ڏي به آزار نه ڏي به آزار. هي ته هڪ عام فقير آهن جنهن کي ڏسي فقير ئي چئي سگهجي ٿو پر اڄ ڪلهھ فقيرن جا نوان قسم به اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندا جهڙوڪ توهان ڪنهن هوٽل تي چانهھ وغيره پيئندا هجو ته اوهان وٽ نوجوان اچي بيهندا جن وٽ هٿ ۾ تسبيح، مذهبي شيون جنهن ۾ پاڪ نالا يا اهڙي قسم جون شيون هونديون جنهن جي قيمت هو نه هڻندا صرف چوندا ته مٺائي ڏيو ۽ اها مٺائي عام فقير جي خيرات کان 10 حصا وڌيڪ هوندي، اهڙي طرح ٻيا وري پينٽنگ ٿيل پاڪ نالا وڪڻڻ لاءِ ايندا، ڪجهه وري رومال کپائڻ ايندا، ڪجهه ڦوڪڻا ته ڪجهه رانديڪا اهڙي طرح ڪجهه اخبارون به وڪرو ڪرڻ لاءِ مختلف چوڪن تي اوهان کي نظر ايندا جيڪي اصل ۾ اھي شيون وڪرو ڪرڻ نه پر خيرات جي آسري بيهندا آهن اگر اوهين انهن کان پڇندا ته هي کپائي ڇو نه ٿو ته چوندا روزي ناهي ٿي گهر ڇا کڻي وڃون. اهڙي طرح اوهين اهو پڻ ڏٺو هوندو ته مختلف جڳهن تي ننڍا ٻار پنهنجي وڪرو ڪرڻ واريون شيون جهڙو ڇولا، سموسا، پڪوڙا يا ٻيون شيون ٿال سوڌو روڊ تي هاريو ويٺا روئندا نظر ايندا آهن اهو به پنڻ جو هڪ زبردست فن آهي جنهن ۾ وڏي مافيا ملوث هوندي آهي.

مٿي ڏنل ڪجهه مثال هئا جن جو حقيقت سان سڌي طرح تعلق آهي پر حقيقت ڇا آهي اهي فقير جا ڪٽڪ ڇو ڇڏيل آهن؟ اها ڳالھه دلچسپي جي طرف مائل ڪري ٿي. هاڻ اهي جيڪي به مختلف قسم جا فقير آهن انهن جو مبينا طور تي هڪ وڏو گروپ آهي جنهن جي پٺيان مبينا طور تي پوليس، سياسي ماڻهو توڙي سرمائيدار هوندا آهن. اها ڳالهه ٻڌي اڃا به وڌيڪ حيراني ٿيندي ته آخر ڏھ ويهھ رپيا وٺي پنندڙ هي فقير ايڏا طاقتور ڪيئن ٿا ٿي سگهن جو پوليس، سياسي ماڻهو ۽ سرمائيدار هنن جي پٺ ڀرائي ڪندا هجن ته پوءِ ڪهاڻي کي اڳتي پڙهو اوهان کي خبر پئجي ويندي. پينو فقيرن جو هڪ تمام وڏو بزنس آهي جنهن ۾ هي فقير روزانو بنياد تي هڪ مزدور جي ڏهاڙي ته عام ڳالهھ آھي پر چڱي ڀلي ڪمائيندڙ شخص کان به هي وڌيڪ ڏهاڙي ڪمائيندا آهن جنهن ۾ مبينا طور تي هي وري مٿي به ڏيندا آهن مٿي جي مراد ته مختلف چوڪ چوراهن تي نظر ايندڙ پينو فقيرن جا به اهڙي ريت ٺيڪيدار هجن ٿا جهڙي ريت فيڪٽرين ۾ مزدورن مٿان ٺيڪيدار هوندا آهن ۽ اهڙو گندو ڪاروبار ڪرڻ ۽ ٺيڪيداري تي معصوم ٻارڙن کي پڙهائڻ بدران پنائڻ وارا ٺيڪيدار وري مبينا طور تي پوليس اهلڪارن کي منٿلي ڏيندا جن مان پوليس عملدار به باقاعدي پن جي پيسي جو مزو وٺندا آهن. پوليس عملدار ۽ سرمائيدار ته اوهين سمجهي ويا هوندا ته هي ٺيڪيدار پاڻ کي هڪ سٺو بزنس مين سمجهندا هوندا ۽ ٻين ٺيڪيدارن کان پڇندا هوندا ته "ڏي حوال تو واري ماڻهن ڪيترو پنيو آهي”

اهڙي ريت هي پنڻ جو به هڪ وڏو ڪاروبار آهي جنهن ۾ پوليس اهلڪارن جا به کيسا گرم ٿين ٿا، هاڻي سياسي ماڻهو اهڙي ڪاروبار ۾ ڪيئن ملوث آهن اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. سياسي ماڻهو به مبينا طور تي ان پنڻ واري ڪاروبار ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا جنهن جو تمام آسان مثال هي آهي ته پاڪستان ويگرنسي آرڊيننس 1958ع موجب پاڪستان ۾ پنڻ غيرقانوني عمل آهي جڏهن ته جيڪو ٻار پنندي نظر اچي ته انجي والدين کي ٽن سالن جي ٽيپ اچي سگهي ٿي اهڙو قانون پاڪستان ۾ موجود هوندي عمل نه پيو ٿئي. جڏهن ته پينو فقيرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ به 2011ع ۾ حڪم ڏنو هو ته جيڪي پيشا ور فقير آهن ان جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ سختي سان حڪم ناما آهن ته هنن کي گهر ٺاهي ڏيڻ ۽ خيرات جي تقسيم کي مسڪينن ۾ يقيني بڻائن. اهڙي طرح سنڌ حڪومت پڻ ٻارن جي پنڻ تي پابندي لاڳو ڪندي حڪم نامو جاري ڪيو هو ته بکايل ٻارن کي کڻي ويلفيئر سينٽرز ۾ بحال ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت پاران هيلپ لائين 1121 پڻ مهيا ڪئي وئي هئي ته جيئن اختيارين کي پينو ٻارن ۽ انهن جي سرگرمين بابت آگاهي ڏني وڃي، پر اوهان کي خبر آهي  سنڌ حڪومت ته ماشاءالله هر پاس ڪيل قانون کي آخر تائين يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي آهي ته پوءِ هن قانون تي به ڪوشش شايد جاري هوندي.

فقيرن جي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيل هنڌن ۾ ٽريفڪ سگنل، شاپنگ ايريا، مسجدن کان ٻاهر، مزارون ۽ اسپتالون شامل آهن. مزارون خاص ڪري فقيرن لاءِ پرڪشش جڳهه رهيون آهن. جيڪي ماڻهو درگاهن تي زيارت ڪن ٿا اهو يقين آهي ته غريبن کي پئسا ڏيڻ سان انهن جي دعا ٻڌڻ جو موقعو وڌي ويندو. اهي ڪڏهن به اهو نه سوچيندا آهن ته انهن جو پئسو ڪٿي وڃي رهيو آهي ۽ ڇا اهي اصل ۾ غريبن جي مدد ڪري رهيا آهن يا بدعنواني مافيا جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهن. SSIR (2018) جي مطابق، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي جو 1 سيڪڙو کان وڌيڪ خيرات ۾ حصو ڏئي ٿو جڏهن ته ان جي آبادي جو 98 سيڪڙو ضرورتمندن جي مدد ڪري ٿي، عام طور تي نقد سان گڏ عطيو ڏيڻ يا سماجي ڀلائي لاءِ رضاڪارانه ڪم ڪرڻ سان. اهو پاڪستان کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خيراتي ملڪن مان هڪ بڻائي ٿو. اسان جا مذهبي عمل جهڙوڪ زڪوات، خيرات، صدقه ۽ فديه خاص طور تي معاشري ۾ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ جي جذبي کي فروغ ڏين ٿا. ملڪ ۾ مختلف سماجي فلاحي تنظيمون ۽ ايستائين جو اسان جو مدرسو سسٽم مڪمل طور تي خيرات ۽ عطين تي منحصر آهي. جيتوڻيڪ اهڙين مذهبي ۽ سماجي ريتن رسمن کي به ڪا به قانوني حيثيت نه ٿي ملي ۽ اسلام ۾پنڻ جي منع ڪئي وئي آهي پر ڏوهاري مافيا ماڻهن جي انهن روحاني عقيدن جو فائدو وٺي رهي آهي. اهي پيشيور فقير جذباتي ۽ مذهبي بليڪ ميلنگ ۾ ملوث آهن جيئن اهي ماڻهن کي ٺڳين ته جيئن اهي پاڻ کي لاچار ۽ محتاج ڪري ڏيکارين، جيڪي حقيقت ۾ اهي نه آهن. ننڊاکڙي ننڊ ۾ ٻڏل ٻار پنهنجي نام نهاد مائرن جي گود ۾ هر وقت نشي ۾ ورتل مليا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.