ورھين جو مسئلو 15 ڏينھن ۾ حل

ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي لکت ۾ ڏنو آھي تھ تاريخي شھر ميرپور ساڪري لڳ وھندڙ سم نالي مٿان  پڪي پل پندرھن ڏينھن جي اندر جوڙي ڏني ويندي.اھا انتھائي خوشي جي ڳالھھ آھي تھ اسان جي نوڪر شاھي ايتري ڦڙتي جو مظاھرو ڪري رھي آھي ۽ اسين اھا بھ اميد ٿا ڪريون تھ جئين ضلعي جي عملدار عدالت کي لکت ۾ خاطري ڪراِئي آھي ان تي يقينن عمل پڻ ٿيندو.

ضلعي جي نوڪر شاھي پاران ھن اھم معاملي ڏانھن ڌيان ان وقت ويو جڏھن اسڪول جي ٻارڙن کي پيش ايندڙ تڪليف بابت ”روزاني عوامي آواز” ۾ ان متعلق خبر شايع ٿي ھئي. ان بعد سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد  علي شيخ صاحب ان جو نوٽيس ورتو، ذڪر ڪيل  سم نالو ميرپورساڪرو لڳ ڪڪڙانڊ واري علائقي ۾ ساڪرو آئوٽ فال ڊرين(سم نالي) تي ڊرينيج  آھي،جنھن جي مٿان کاتي جي لاپرواھي سبب پڪي پل نھ ھجڻ ڪري ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪاٺ جي ڪچي پل تعمير ڪئي ھئي تنھن ھوندي بھ اسڪول جي شاگردن جي لاءِ اھا پل ڪنھن خطري کان خالي نھ ھئي.ان ڪري اسڪول جي شاگردن جون زندگيون خطري ۾ھيون.

ان مسئلي بابت 20 مارچ تي روزاني عوامي آواز ۾ خبر شايع ٿي ھئي،سنڌ ھاءِ ڪورٽ  ڊي سي ٺٽي ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڊرينيج کاتي کي 22 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾طلب ڪيو ھو.جنھن ۾ ڪامورن کي ھدايت ڪئي وئي ھئي تھ اھي ذڪر ڪيل معاملي بابت رپورٽ پڻ پيش ڪن.جنھن بعد ٺٽي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ان علائقي جو دورو ڪري ڪچي پل جي حالت جو جائزو ورتو ھو.جنھن  عدالت کي بھ لکت ۾ آگاھھ ڪيو تھ 15 ڏينھن اندر پل جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو.

اھا بيحد خوش جي ڳالھھ آھي پر سوال ھي آھي تھ اھو ھيترو پراڻو معاملو آھي،جيڪو ھيترا ڏينھن دانھن ڪوڪن باوجود حل نھ ٿيو ان جا ڪھڙا ڪارڻ ھئا ؟  ۽ ايڏو پراڻو مسئلو پندرھن ڏينھن ۾ ئي حل ٿي ويندو، اھا بھ بھترين ڳالھھ آھي.

ھاڻي اصل ڳالھھ ھي آھي تھ ڪامورن جي ھڪ عمومي نفسيات اھا ھوندي آھي تھ اھي ھميشھ جا حڪمران آھن حڪومتون تھ اچڻيون وڃڻيون آھن،پر ھنن جي حاڪميت رھڻي آھي. ان ڪري ئي اھڙا مسئلا جيڪي تڪڙي بنيادن تي حل ٿي سگھن ٿا انھن کي ڪامورڪي ذھنيت جي ڪري اينگھايو ويندو آھي،

ھن ڀيري ان معاملي ۾ لاڳاپيل کاتي جي ڪامورا ۽ ضلعي جا عملدار ايتري ڦڙتي ان ڪري ڏيکاري رھيا آھن جو ھن ڪيس ۾ عدالت اھڙو پڇاڻو ڪيو آھي.

جيڪڏھن اھو مسئلو پندرھن ئي ڏينھن ۾ حل ٿيڻ ممڪن آھي تھ پوءِ سوچڻ جي ڳالھھ ھي آھي تھ ان مسئلي کي يا ان جھڙن ٻين سوين مسئلن کي فائلن ۾ ڇو بند ڪيو ويو آھي، ڇا اھو ممڪن ناھي تھ اھڙي نوعيت جي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪامورا عام طور تي بھ اھڙي ئي ڦڙتي ڏيکارين،جنھن سان ماڻھن جا مسئلا بھ حل ٿي ويندا تھ وري حڪومت جي بھتر گورننس بھ ڏسڻ ۾ ايندي.اھو ئي ھڪڙو اھڙو عمل آھي جنھن سان عوام کي سک ڏئي سگھجي ٿو.

ڪراچي جي ٻھراڙي جي زمين تي قبضي واري دانھن

ڪراچي شھر  جي ڪيترن ئي المين سان گڏ ھڪڙو ھي بھ آھي تھ هتان جي مقامي ماڻھن جي لاءِ ڌرتي تنگ ٿي رھي آھي، بنا ڪنھن رٿابندي سان وڌندڙ شھر ھاڻي ھڪ اھڙو شھر ٿي ويو آھي جنھن جي اندر وري ڪئين شھر جڙي ويا آھن،شھر جي اندر باقي ڪا بھ اھڙي جاءِ نھ رھي آھي،جتي ڪا سوسائٽي يا ھائوسنگ اسڪيم جوڙي وڃي،تنھنڪري ٻن ٽن ڏھاڪن کان شھر سان لڳندڙ ٻھراڙين جي علائقن تي مارو آھي، ھزارين اھڙيون ريئل اسٽيٽ جو ايجنسيون ڪم ڪري رھيون آھن جيڪي ٻھراڙي جي باقي رھيل سھيل زمينن کي بھ رھائشي اسڪيمن ۾ تبديل ڪندي اتي نت نيون اسڪيمون جوڙي رھيون آھن.

ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڌرين جو زور پھرين تھ سرڪاري زمينن کي تين وال ڪرڻ آھي ٻيو تھ جيڪڏھن ڪنھن جون موروثي زميون ۽ کيت بھ ھٿ آيا تھ ان کي بھ نيڪال ڪيو پيو وڃي.

اھڙي ڪم ۾ سرڪار جي لاڳاپيل کاتي جا ڪامورا شامل آھن،جن جو ھڪ منظم نيٽ ورڪ آھي.ان دوران سڪن سان گڏ ساوا بھ لپيٽ ۾ اچي ٿا وڃن.ھن وقت ڪراچي ٻهراڙي ۾ ديهھ شاهي ڇٻ ديھھ الله ڦاهي ديھھ شاھ مريد ديھھ گڏاپ سميت آس پاس ۾ صدين کان  قائم صالح محمد جماڻي ڳوٺ سميت 100 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ اڃا تائين  پڪا نه ٿيڻ ڳوٺن ۽ زمينن جي مالڪاڻا حق نه ملڻ سبب رهواسي پريشان آھن.شھر جي ڏوراھن علائقن ۾ رھندڙ اتي جا ماڻھو ھن جديد دور ۾ پڻ بجلي،گئس،پاڻي،رستن سميت ٻين  لازمي بنيادي سهولتن کان محروم آهن.

ٻئي پاسي بلڊر مافيا ڳوٺن تي قبضا ڪرڻ ۾ رڌل آهي.قديمي ڳوٺن جي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ   بلڊرن هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ روينيو ڊپارٽمينٽ ،پوليس،اينٽي انڪروچمنت سيل سميت سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي مدد سان قبضا ڪري رھيا آهن.سنڌ حڪومت پراڻن ڳوٺن کي پڪو نه آهي،ماڻھن کي مالڪاڻا حق نھ ڏنا آھن.جنھن ڪري زمينن تي قبضو  مافيا هنن جو جيئن حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ اھو سلسلو جاري آھي.ڪراچي شھر ۾ ھي اھڙو مسئلو آھي،جنھن کي سمجھڻ انتھائي ضروري آھي، اھو درست آھي تھ ڳوٺن جي زمينن تي قبضا ٿين ٿا ۽ مقامي ماڻھن جي زمين بھ ڦٻائي پئي وڃي پر ھتي وڏيون مافيائون ڪم ڪري رھيون آھن، سرڪار جا گھڻا ئي کاتا ھي سڻڀو گرھ پاڻ ئي کڻڻ چاھين ٿا.

سرڪار ھن حساس معاملي کي درست ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي تھ ان جا انتھائي خراب نتيجا نڪرندا، ان ڪري جو نجي شعبي ۾ اھڙيون بااثر ڌريون ملوث آھن جو انھن کي روڪڻ بعد ۾ سرڪار جي لاءِ بھ گھڻو ڏکيو ٿي پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.