ڪجهھ ڏينھن پھريان پرڏيھي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف سان گڏ ٿرڪول ۾ ٻن پاور پلانٽن جو افتتاح ڪندي چيو ھو ته ٿر بدلائيندو پاڪستان وارو اسان جو نعرو حقيقت جو روپ ڌاري رھيو آھي، ڇو ته ٿر ۾ نه رڳو پاڪستان پر چين جا ماڻھو به محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ اچي رھيا آھن۔
بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي اھا ڳالھه درست آھي ته ٿر ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ چين مان ته ماڻھو اچي نوڪريون ڪري رھيا آھن، پر ٿرڪول پروجيڪٽس ۾ ٿر سميت سنڌ جا ماڻھو اٽي ۾ لوڻ جي برابر به ناھن، ٿر سان تعلق رکندڙ جيڪي به ٿورڙا ماڻھو ملازمت ڪري رھيا آھن، انھن مٿان من گھڙت چوري جا الزام ھڻي يا ته کين نوڪرين مان ڪڍيو وڃي ٿو يا مٿن تشدد ڪري دودي ڀيل ۽ جنيد ملڪ جيان قتل ڪيو وڃي ٿو۔ ان ڳالھه ۾ ڪو شڪ ناھي ته ٿر پاڪستان کي بدلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، پر ٿر جي قسمت بدلائڻ لاءِ ڪير به تيار ناھي،
ٿر جي مٽيءَ ۾ موجود معدنياتي ذخيزا جن سان توانائي پيدا ڪئي پئي وڃي، جنھن سان نه صرف سڄي ملڪ جو ڪار وھنوار ھلايو وڃي ٿو، پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين بجلي پڻ پھچائي وڃي ٿي۔ ٿر اھو ڏيئو آھي جنھن سان سموري ملڪ کي روشن رکيو پيو وڃي پر چوندا آھن ته ڏيئي جي ھيٺيان ھميشه اوندهه ھوندي آھي،
بلڪل اھڙي ئي حالت ٿر سان پڻ آھي، ڇو ته جتي ٿر ڪول پاور پلانٽ مان پيدا ڪيل بجلي ملڪ جي ڏورانھين شھرن ڏانھن منتقل ڪئي وڃي ٿي، اتي ٿر جا شھر ۽ ڳوٺ بجلي جھڙي سائنسي نعمت ۽ سھولت کان محروم آھن، جنھن سبب ٿر گھڻي ڀاڱي دنيا جھان کان ڪٽيل آھي. ٿر! جتي جا ماڻھو غربت واري لڪير کان به ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن،
ٿر جي ترقي، تعليم ۽ صحت بابت اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به حڪمران اھڙو ڪو به ڪم نه ڪيو آھي جنھن سان ٿرين جا اھنج ڪجھه گھٽجي سگھن ھا ۽ سندن زندگي ڪنھن قدر سھنجي ٿي پوي ھا، ويجھي ماضي ۾ توڙي جو ٿر سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ جو وڏو وزير به بڻيو، جنھن مٺيءَ ۽ عمر ڪوٽ سميت ٿر جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم به ڪرائيا پر ھن سياسي مخالفن جي علائقن کي نه رڳو مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو پر سندن خلاف انتقامي ڪاروايون به ڪرايون جنھن سبب ٿر کي گھربل ترقي نه ملي سگھي۔ ھڪ خبر سامھون آئي آھي ته گذريل چوڏانھن مھينن جي دوران ٿر ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ ابھم ٻارڙا غذائي قلت ۽ بيماري سبب فوت ٿي ويا آھن،
مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي ته ٿر جي اسپتالن ۾ نه ته ڊاڪٽر آھن، نڪي وري دوائون موجود آھن۔ ھونئن ته سموري سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي حالت ھڪ جھڙي آھي جيڪا بھتر ھرگز ناھي، جتي گوسڙو ملازمن جيان دوائون به نظر ناھن اينديون پر صحت واري معاملي ۾ ٿر جي ماڻھن سان تمام وڏي ناجائزي ٿي رھي آھي، جيڪا گذريل پندرنھن سالن کان جيئن جو تئين جاري آھي، ڇو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ سنڌ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت رھندي پئي اچي، جنھن ٿر جي ترقي تعليم ۽ صحت تي ته ڪو ڌيان ناھي ڏنو پر ٿر جي سونھن ۽ سڃاڻپ بڻيل ڪارونجھر جبل کي پڻ ٽڪڻ شروع ڪرائي ڇڏيو آھي، جنھن سان نه فقط مور دربدر ٿيندا ۽ سندن نسل ڪشي ٿيندي پر فطرتي سونھن ۽ ٿر جي سڃاڻپ به ختم ٿي ويندي، ڪارونجھر جبل ٿر جي سڃاڻپ بڻيل آھي ته ٿر وري سنڌ جي، ان لاءِ سنڌ جا ماڻھو ٿر تي دڙ ھر وار سنڌ تي حملو تصور ڪن ٿا، ٿر جيڪو پنھنجي تاريخ ۾ سدائين مصيبتن بيمارين ۽ ڏڪار کي منھن ڏيندو پئي آيو آھي، پر ٿر جا ٻارڙا ايتري جھجھي تعداد ۾ ويجھڙائي ۾ مرڻ لڳا آھن،
اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ پڻ سوَن جي تعداد ۾ ابھم ٻار غذائي کوٽ ۽ بيماري سبب فوت ٿي موت جي منھن ۾ ھليا ويا، تڏھن سنڌ حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي بدران وڏي وزير ھڪ ٻاراڻي قسم جي ڳالھه ڪئي ھئي ته ٻارن جي مرڻ جو سبب غذائي کوٽ ۽ بيماري نه پر ٿر جون اھي دايون آھن جيڪي عورتن کي ويم ڪرائڻ جي دوران ٻارن کي ماري ڇڏين ٿيون۔ تڏھوڪي چيف جسٽس مٺيءَ اسپتال جو دورو ڪرڻ لاءِ جڏھن ٿر ويو ھو ته ضلعي انتظاميا رات پيٽ ۾ مٺيءَ سول اسپتال کي آغا خان اسپتال بڻائي فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو رڪارڊ ۽ سندن وارثن کي گم ڪري ڇڏيو ھو۔
تازو پڌري ٿيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ خبر تي پڻ ھن وقت تائين ڪنھن به علمدار توڙي حڪمران نوٽيس ناھي ورتو، جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته چوڏنھن مھينن ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا آھن، يعني لڳ ڀڳ سئو ٻار ھڪ مھيني ۾ فوت ٿيا آھن، جيڪو انگ تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ٻارڙن جي موت جي وڌندڙ شرح تي ضابطو نه آندو ويو ته ٿرين جو نسل خطري ۾ پئجي ويندو، مستقل قريب ۾ ٿر ته ھوندو پر ٿري شايد نه ھجن ڇو ته ٿر واسين جي غذائي کوٽ ۽ بيماري وسيلي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ٿر بدلائيندو پاڪستان جو نعرو ھڻڻ وارا اھو ٻڌائن ته جيڪڏھن ننڍڙو ٿر سموري پاڪستان بدلائي سگھي ٿو ته پوءِ پورو پاڪستان ٿر کي ڇو نٿو بدلائي سگھي.