ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ ملڪ جي موجوده وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان گوڏا کوڙيندي عام واهپي جون تمام شيون ايتريون ته مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن جو ملڪ جو غريب طبقو ايتري حد تائين پريشان آھي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ملڪ کي بچائڻ ۽ قرض لاهڻ لاءِ غريب عوام کي برباد ڪرڻ لاءِ حڪمرانن جون هي سازشون ڪيستائين جاري رهنديون جڏھن ته هن وقت رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو شروع ٿي چُڪو آهي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ هن بابرڪت مهيني ۾ خاص طور غريب طبقي لاءِ وڏو پئڪيج هوندو آهي جنهن ۾ هرضرورت واري شي سستي اگهن تي دستياب ڪئي ويندي آهي پر اسانجي ملڪ ۾ هن مهيني ۾ خاص طور حڪومت کي ڪرپشن ۽ منافعي خور ڪاروباري حضرات ۽ دڪاندارن کي ڪمائي جو موقعو ملندو آهي ۽ ضلعي حڪومتن ۽ مارڪيٽ ڪاميٽين کي ريٽ لسٽ جاري ڪرڻَ جا پڻ اختيار هوندا آهن پر ايتري ته لاقانونيت نافذ ٿي چُڪي آهي ڄڻ ته قانون انصاف حڪومت يا واڳ ڌڻين وٽ نه پر بااثرن جي گرفت ۾ اچي چُڪو آهي جنهن تي ڪنهن به وڏي شهر کان ويندي ٻھراڙين تائين عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي آخر روزاني جي بنياد تي وڌندڙ شين جا اگھه لاقانونيت جو رهزني راڄ ڪيستائين هلندو
ملڪ هن وقت لاقانونيت ۽ ناانصافي نااهل حڪمراني جي بدترين دور جي ور چڙھيل نظر اچي رهيو آهي بيروني سفارشن تي هلندڙ اسانجي ملڪ جي حڪمرانن کي غريب عوام جي همدردي لاءِ ڪو احساس ئي ڪونهي کاڌ خوراڪ جون شيون هر نئين ڏينهن نيئن اگهن سان مارڪيٽن مان سپلاءِ ٿي جڏھن دڪاندارن وٽ پهچن ٿيون ته حڪومت جي ڏنل اگهن کان ٽيڻ چئوڻ تي اهي شيون مهانگيون دڪاندار غريب کي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ عجيب ڳالھه ته هر دڪاندار شين جو الڳ اگھه مقرر ڪري ويٺل آهي حڪومتي نااهلي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي چئجي جيڪي شيون مارڪيٽن لسٽن جي ملڻ باوجود دڪاندار ۽ منافعي خور پنهنجن اگهن تي وڪرو ڪن
هن وقت رمضان شريف جو مهينو شروع ٿي چُڪو آهي ۽ خاص طور غريب طبقي کي جنهن اهم شين جي ضرورت هجي ٿي انهن ۾ اٽو کنڊ چانور گيهھ اهم سمجهيا ويندا آهن هٿرادو اگهن ۾ واڌ سبب غريب طبقي لاءِ اهي اهم ضرورت واريون شيون به خريد ڪرڻَ مشڪل ٿي ويون آهن ان کان علاوه گوشت ڪڪڙ مڇي سبزيون داليون به هٿرادو ريٽ سبب انتهائي مهانگيون ڪيون ويون آهن ۽ جڏھن ته فروٽ جا اگھه ٻُڌندي ئي ماڻھن جون دليون ڏڪي وڃن ٿيون حڪومت توڙي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي جيڪي ڪاميٽيون ٺاهيل آھن جيڪي لکين رپين جا بجيٽ وٺن ٿيون انهن جو عملو لکين رپين جي ڪرپشن ڪري ٿو ڇا انهن وٽ ايترا اختيار ناهن جو هو غريب عوام جو ڪو تدارڪ ڪن
جڏھن به رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو اچي ٿو خاص طور غريب طبقي کي پريشانيون ورائي وڃن ٿيون ته هو اهو سوچين ٿا ته هي مهينو برڪتن ۽ رحمتن وارو ته آهي ليڪن جيترو ظلم غريب عوام سان هن مهيني ۾ ڪيو وڃي ٿو شايد ٻين يارهن مهينن ۾ نه ٿو ٿئي ۽ نااهل حڪومت ۽ سندن ڪامورا وڏيون دعوائون ڪندي ٻُڌا ويندا آهن اسان هن مهيني ۾ غريب عوام کي اٽي، گيهھ، کنڊ، چانور جي مد ۾ اربين رپيا سبسڊي ڏني آھي ۽ اها سبسڊي سڄي مخلوق هن وقت سوشل ميڊيا تي اکين سان ڏسندي هوندي ته غريب ۽ مزدور طبقي جي ڏھ ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ ڪيتري تذليل ڪئي پئي وڃي چوڻ جو مقصد اهو ته غريب انهن سبسڊين جو طلبگار ناهي انهن لکين مسڪينن جو جنهن جا مهانگائي سبب هن وقت چلها وسامي چڪا آھن انهن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اٽو چاليھه رپيا، کنڊ 70 کان 80، گيهھ 120رپين تائين سرڪاري اگھه تي هردڪاندار کي وڪرو ڪرڻَ جو پابند ڪيو وڃي حڪومت پنهنجي ڪرپشن ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ غريب عوام کي اهڙا رليف نه ڏئي جنهن سان ڏھ ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ غريب عوام جون عزتون ۽ زندگيون داءُ تي لڳي وڃن.
هن وقت رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت جي نااهلي سبب هٿرادو مهانگائي به ڪاريهر نانگ جيان ڪر کڻي غريب عوام کي ڏنگي رهي آهي ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته حڪومت ضلعي ۽ تعلقي سطح تي جوڙيل ڪاميٽيون پنهنجي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪندي منافعي خورن خلاف اثرائتو ايڪشن وٺن جيئن غريب طبقو يارنهن مهينن مان هڪ مهينو ڪو سُکيو پيٽ گرھ کائي سگهي ۽حڪومت رمضان رليف وارين دعوائن کي سچ ثابت ڪري ڏيکاري ۽ عوام جي تذليل پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ کوکلن دعوائن کان پاسو ڪيو وڃي
هن وقت غريب عوام کي هڪ مهيني جي سبسڊي جي ضرورت نه پر سال جا ٻارنهن مهينا کاڌ خوراڪ جي شين جا اگھه سستا ڪرڻ جو مطالبو آهي جيڪو لڳي ٿو ته حڪومت غريب عوام جو اهو مطالبو پورو ڪرڻ جي موڊ ۾ هرگز نظر نه پئي اچي