ٻوڏ وانگر سمورو مُلڪ ڪرپشن ۾ ٻڏو پيو آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ ( م ڊ ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ٻوڏ وانگر سڄو مُلڪ ڪرپشن ۾ ٻڏو پيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ڊي ايم جڏهن کان ٺهي تڏهن کان اسان ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي جيڪا آئين جي خلاف هجي، اسان کي تباهه ٿيل معيشت ملي جنهن کي بهتر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. سندس چوڻ هوته ڪرپشن ۾  ٻوڏ وانگر سڄو مُلڪ ٻڏو پيو آهي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته معيشت پنهنجن پيرن تي بيهي وڃي ۽ ڪرپشن تي ضابطو آڻيون. هن پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي اُها مافيا آهي جنهن چئن سالن تائين مُلڪ کي لٽيو ۽ هاڻي احتساب کان بچڻ چاهن ٿا، عمران خان چاهي ٿو ته ٻيهر اقتدار ملي ۽ خاندان سميت ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ملي. خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان جي بيانئي کي عوام رد ڪري چڪو آهي، سازش جو سفر آمريڪا کان شروعٿ ٿيو جيڪو بعد ۾ محسن نقوي، آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد تي اچي پهتو. ن ليگ قائد جي وطن واپسي بابت سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه اچي رهيو آهي، پر تاريخ نه ٻڌائيندس. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.