گهوٽڪي ( رپورٽ :آزاد مهر ) گهوٽڪي ۾ موجود تعلقه اسپتال غريب مريضن لاءِ موت جو اڏو بڻجي وئي ، تعلقه اسپتال جي ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود داخل مريض هڪ گوري لاءِ پريشان ، تعلقي اسپتال جي ٻارن جي وارڊ ۾ انتظام سهي نه هجڻ ڪري هر روز معصوم ٻار موت جي ننڊ سمهڻ لڳا.
ان حوالي سان اسپتال ۾ داخل ٻارن جي والدين دانهيندي چيو آهي ته اسان مسڪين ۽ غريب آهيون ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان بڻيل آهيون اسان جا معصوم ٻار ڪيترن ڏينهن کان اسپتال اندر داخل آهن پر افسوس جو اسپتال انتظاميا اسان کي هر دوا پرائيويٽ اسٽورن تي لکي ڏئي ٿي ، پر اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهھ ناهي ته اسان ٻاهران دوائون ڪٿان وٺون .
هنن چيو ته اسپتال اندر 24 ڪلاڪن ۾ صرف هڪ دفعو ڊاڪٽر چيڪ اپ لاءِ اچن ٿا ، ان موقعي تي داخل ٻارن جي والدين چيف جسٽس ، ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي وزير ڄام اڪرام خان ڌاريجو کي اپيل ڪئي ته خدارا اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان جي ٻارن جو زندگيون بچايون وڃن .
سياسي ايم ايس خلاف ڪارروائي ” ديواني جو خواب“
گهوٽڪي تعلقي اسپتال اندر هر ڀيري سياسي ايم ايس کي مقرر ڪيو وڃي ٿو ، جنهن ڪري اسپتال ۾ ڪي به سهولتون نه هجڻ ڪري شهري توڙي سياسي سماجي اڳواڻ احتجاج ڪن ٿا پر ان سياسي ايم ايس خلاف ڪو به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي .
اسپتال ريفر سينٽر بڻيل، جنريٽر جو تيل به وڪرو
گهوٽڪي سول اسپتال اندر بجلي جو پڻ شديد بحران بجلي بند ٿيڻ باوجود اسپتال جو جنريٽر پڻ نٿو هلايو وڃي ، جڏهن ته جنريٽر جو تيل پڻ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ، جڏهن ته مريضن لاءِ ايمبولنس جو پڻ مريضن کان ريفر جو تيل وصول ڪيو وڃي ٿو ، جڏهن ته اسپتال جي ايمرجنسي ۾ سهولتون نه هجڻ ڪري اڪثر مريضن کي سکر يا رحيم يار خان ريفر ڪيو وڃي ٿو .
ايم ايس ڀوتارن جي سلامي ۾ پورو آهي: سماجي ورڪر
گهوٽڪي تعلقي اسپتال جي ڀينگ تي گهوٽڪي جي سوشل ورڪر اعظم چاچڙ جو چوڻ آهي ته ڪيترن سالن کان تعلقي اسپتال گهوٽڪي اندر ڀينگ ٿي پئي آهي ڪروڙين رپين جي بجيٽ هئڻ باوجود باوجود مريضن کي هڪ گوري به نٿي ملي ، هن چيو ته هاڻ مقرر ايم ايس مير حسن ڪولاچي گهوٽڪي سول اسپتال کي ڌيان ڏيڻ بجاء ڀوتارن جي سلامي ۾ پورو آهي ، هو ڪرپٽ ترين ايم ايس آهي ، جنهن خلاف عدالتي جاچ ڪرائي وڃي .
صحت کاتي جي پنجن ئي تعلقن ۾ ڪرپشن خلاف پٽيشن داخل
سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ گهوٽڪي ضلعي جي صحت کاتي پنجن ئي تعلقن ۾ ڪرپشن خلاف پٽيشن داخل، عدالت گهوٽڪي تعلقا اسپتال جو ايم ايس مير حسن ڪولاچي سميت پنجن ئي تعلقن جا ايم ايس طلب. ڊي سي گهوٽڪي ۽ اڳوڻي ڊي ايڇ او باقر جتوئي کي ڌر ڄاڻايو ويو، نوٽيس جاري،27 اپريل تي ڌريون طلب. خبرموجب :گهوٽڪي ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ۾ قائم اسپتالن ۾ ڪرپشن خلاف درخواستگذار علي حسن چڍڙ وڪيل خان محمد سانگي معرفت آئيني درخواست داخل ڪندي ڄاڻايو آهي ته گهوٽڪي جي پنجن ئي تعلقن جي اسپتالن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن سبب غريب مريض پريشان آهن پنجن ئي اسپتالن ۾ دوائن سميت مختلف مدن ۾ ڪروڙن ڪرپشن ڪئي وئي آهي درخواست ۾ سيڪريٽري صحت، نيب، اينٽي ڪرپشن، گهوٽڪي جي ايم ايس ڊاڪٽر مير حسن ڪولاچي سميت پنجن ئي تعلقن جي ايم ايس، ڊي ايڇ او هيلٿ گهوٽڪي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ سکر کي ڌر ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته درخواست ۾ اڳوڻي ڊي ايڇ او محمد باقر جتوئي کي پڻ ڌر ڄاڻايو ويو آهي عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي 27 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي،