ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميونسپل ڪاپوريشن ميرپورخاص جي عورت ملازمه کي هراسمنٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ملازم کي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر جي هدايتن تي ميونسپل ڪمشنر معطل ڪري ڇڏيو، ڊي سي پاران معاملي جي جاچ جي حُڪم تي ڪيل رپورٽ سڀاڻي ڊي سي کي پيش ڪئي ويندي تفصيل موجب ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص ۾ ڪانٽريڪٽ تي بطور ليڊي سوئيپر ڪم ڪندڙ ملازمه شڪيلا وارث پاران دوستي رکڻ لاءِ مجبور ڪرڻ موبائل نمبر ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي پگهار بند ڪري نوڪري مان فارغ ڪرڻ جي حوالي سان عورت ملازمه شڪيلا وارث پاران سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل پنهنجي ويڊيو ۽ معاملي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسل ڪارپوريشن ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ پاران ميونسپل ڪمشنر سيد شفيق شاه کي معاملي جاچ ڪرڻ وارين هدايتن بعد ميونسپل ڪمشنر الزام هيٺ آيل ملازم چيتن ڪمار کي معطل ڪري ڇڏيو آھي آفيس جي ذريعن موجب عورت ملازم جي الزامن آچر جي موڪل هجڻ جي ڪري جاچ رپورٽ مڪمل نه ٿي سگهي ھئي ۽ نه وري ڊي سي کي پيش ٿي سگهي آھي جاچ رپورٽ اڄ (سڀاڻي) مڪمل ڪري ڊي سي کي پيش ڪئي ويندي