ڪراچي( نيوز ڊيسڪ) ملڪ ۾ غربت، بدحالي ۽ مهانگائي عوام جو صبر جواب ڏئي ڇڏيو. اٽو اڻ لڀ ٿي ويو. مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. مفت اٽو نه مليو، زندگيون ضايع ٿي ويون، مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هينئر تائين 6 جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، پر انتظاميه وقار ۽ امن سان اٽي جي ورڇ جو طريقو نه ٺاهي سگهي آهي. بکر ۾ ڪلاڪن تائين قطار ۾ بيهي هڪ شخص فوت، مظفر ڳڙهه ۾ ڀاڄ پوڻ سبب بزرگ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته ملتان، فيصل آباد ۽ ڪوٽ ادو ۾ قطارن ۾ انتظار دوران 3 ڄڻا دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويا. هوڏانهن چارسده ۾ به ڀاڄ جي نتيجي ۾ هڪ شهري فوت ٿي ويو. ان کان علاوه پشاور ۾ به اٽو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، عورتن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊيرا غازي خان جي تعلقي تونسا ۾ اٽو نه ملڻ خلاف شهرين نئين مقرر اسسٽنٽ ڪمشنر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اسسٽنٽ ڪمشنر جي گارڊ عورت کي چماٽون هنيون جنهن تي شهري ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي چڙهائي ڪري ڇڏي. 03