عمران سياست کي دشمني بڻائي ڇڏيو، هاڻ هو رهندو يا اسين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد( م ڊ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان سياست کي ان اسٽيج تي اچي بيهاريو آهي جتي هاڻي يا ته هو رهندو  يا اسان، جيڪڏهن اسان کي محسوس ٿيو ته اسان جي وجود کان ڪن لاٽار ڪئي پئي وڃي ته هر حد تائين وينداسين. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سياست ۾ جهموري روايتن، پرامن سياسي ماحول تي يقين نٿو رکي پر هن سياست کي دشمني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو اسان کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو جڏهن ته اسان کيس پنهنجو سياسي مخالف سمجهندا هئاسين پر هاڻي هو به اسان جو دشمن آهي. هن چيو ته عمران خان مُلڪي سياست کي ان مقام تائين پهچائي ڇڏيو آهي جتي ٻنهي مان هڪ جو وجود باقي رهڻو آهي ۽ جيڪڏهن اسان سمجهيو ته اسان جي وجود کان انڪار ڪيو پيو وڃي ته اسان هر حد تائين وينداسين جنهن ۾ اصولي، غير اصولي، جهموري ۽ غير جهموري هئڻ واري ڳالهه ختم ٿي ويندي. گهرو وزير چيو ته جڏهن موجودا ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خان سان سندس وزارت اعظميٰ واري دور ۾ ملاقات ڪئي ته کائنس پڇيو ويو ته مُلڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي جنهن تي ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته معيشت، پر عمران خان چيو ته نه مُلڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو اپوزيشن آهي. سندس چوڻ هوته عمران خان ان وقت اپوزيشن خلاف ڪريڪ ڊائون حڪم ڏنو هو، پر ان وقت جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا کائنس وٿيرڪو ٿي ويو هو. وفاقي گهرو وزير چيو ته جنرل ( ر ) باجوا اسان جي خلاف انتقامي ڪارروائي، ڪيس ٺاهڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ ۾ عمران خان سان برابر جو شريڪ هو جڏهن ته منهنجي خلاف هيروئن وارو ڪيس ٺاهڻ ۾ فيض حميد به عمران خان سان گڏ هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن عمران خان اِهو واضح ڪيو ته اپوزيشن کي پاڙ کان ختم ڪرڻو آهي انڪري هن چيو هوته سعودي عرب جيان اختيار هجن ته پنج سئو ماڻهن کي ڦاهي ڏئي ڇڏيان ۽ ان کانپوءِ قانون پاس ڪري رٽائرڊ ججن کي اينٽي نارڪوٽڪس، احتساب عدالت ۽ ٻين مقامي عدالتن ۾ مقرر ڪرڻ هو جن کي هاءِ ڪورٽ جي ججن جيتريون مراعتون ڏنيون وڃن ها.هن چيو ته عمران خان تي هن وقت اٽڪل چاليهه ڪيس داخل آهن ۽ سئو ڪيسن داخل ٿيڻ واري ڳالهه ۾ ڪائي سچائي نه آهي، هر روز قتل ڪرائڻ جو نئون منصوبو ٻڌائيندو آهي ۽ وري پاڻ ئي چوندو آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڳجهن ادارن طرفان گهرو وزارت وٽ اهڙي ڪا به رپورٽ ناهي جنهن ۾ عمران خان کي خطرو ٻڌايو ويو هجي . سندس چوڻ هوته اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان جو فتنو سمجهن گهرجي پر ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ نه سياسي طور پريس ڪانفرنس ڪندي آهي نه ئي بيان ڏيندي آهي تنهنڪري ان حوالي سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجن پيشيواراڻن ذميوارين تائين محدود رهڻ چاهي ٿي.جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل بابت پڇيل سوال تي گهرو وزير چيو ته مريم نواز پارٽي جي اڳواڻ آهي ۽ عوام ۾ بيان ڏئي سگهي ٿي پر اِهو فيصلو ڪرڻ ان اداري جي ذميواري آهي، جيڪڏهن سندن خلاف ڪيس داخل ٿيو منع نه ڪنداسين.آڊيو ليڪس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اِها صلاحيت ڪجهه مخصوص ايجنسين وٽ آهي جن جو ذڪر نه ڪندس پر ليڪ ٿيندڙ آڊيو ٺيڪ ئي هونديون آهن انهن مان ڪجهه اهڙيون خراب وڊيوز آهن جيڪي هلائي نٿيون سگهجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.