عمران جڊيشل اسٽيبلشمينٽ ڳولي ورتي، سپريم ڪورٽ پاران آئين ٻيهر لکڻ سبب بحران ٿيو:مريم نواز

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم  نواز چيو آهي ته عمران خان طرفان مُلڪ ۾ تُرت چونڊن وارو مطالبو انڪري ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته آڪٽوبر ۾ سُپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو. ن ليگ جي لائرز ونگ جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون، پر اليڪشن کان اڳ انصاف جي تارازي جي ٻئي پاسا برابر ڪرڻا پوندا، عمران خان جڊيشل اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان سليڪٽ ٿيڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا انٽرويوءَ ۾ پاڻ چيو ته عمران خان خطرناڪ شخص آهي، هاڻي هن جڊيشل اسٽيبلشمينٽ ڳولي ورتي، جنرل باجوا انڪشاف ڪيو ته زالن جي چوڻ تي عدالتي فيصلا ٿيندا هئا، سندس باقيات عدليا ۾ موجود آهي. مريم نواز چيو ته اسان ته ٻڌو هو قانون انڌو هوندو آهي پر جنهن ڏينهن پاناما ڪيس جو فيصلو ٿيو عدالت ۾ ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا جي ٻار به موجود هئا، انهن ججن جي ٻارن کي اڳواٽ پاناما فيصلي جي ڄاڻ هئي، آئين ۽ قانون پٽاندڙ فيصلا ناهن ٿيندا پر زالن ۽ ٻارن جي چوڻ تي فيصلا ٿيندا آهن، چونڊيل وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نيڪالي ڏني وئي، نواز شريف سان تمام گهڻيون ناانصافيون ڪيون ويون. پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته اِهو شخص جڏهن به عدالت ويو جٿا ساڻ ڪري ويو، ڪير آهي جيڪو اڄ به عمران خان کي تحفظ ڏئي رهيو آهي؟ . سندس چوڻ هوته مون ڪوڙن ڪيسن ۾ سئو کان وڌيڪ حاضريون ڀوڳيون، نواز شريف ڪوڙي ڪيس ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيون، اسان عدالتن ۾ سرينڊر ڪيو ۽ ڪوڙيون سزائون ڀوڳيون، اسان جي گهرن تي حملا ڪيا ويا، عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪاري آهي، زمان پارڪ کان رياست تي حملو ٿيو، آئين ۽ قانون ڪٿي سُتل هو؟ هن چيو ته اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون ڇو جو اسان سليڪٽ ٿي ناهيون آيا پر اليڪشن هر پنج سالن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين ۽ کٽينداسين. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ نه پيو چاهي، عمران خان مُلڪ ۾ افراتفري ڦهلائڻ لاءِ ٻئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، اِهو شخص پاڪستان جي آئين، جهموريت کي ٻارن جي راند سمجهي رهيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.