اسلام آباد(م ڊ)تحريڪ انصاف جو گذريل ڏينهن وارو جلسو وڏو هو يا ننڍو هو؟ مينار پاڪستان تي سياسي قوت جي مظاهري کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ اڳواڻن ۾ لفظي جنگ ڇڙي پئي، وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ لاهور عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري ٽوئيٽر تي پيغام ۾ چيو ته ن ليگ وارا ايترا احمق ۽ غيرسنجيده آهن جو تحريڪ انصاف جي ايترن وڏن ميڙاڪن جو جواب هڪ اهڙي عورت کان ڏيارين ٿا جيڪا ڪڏهن ڪائونسلر جو اليڪشن نٿي وڙهي سگهي، هن چيو ته بازاري زبان هئڻ يا بازاري هئڻ سب بيانيو نٿو بڻجي، ان لاءِ وڏي سوچ ۽ ٽيم گهرجي، ٽي وي تي پابندي لڳائي بيانيو نٿو بڻجي،ن ليگ جي طلال چوڌري چيو ته ن ليگ توهان جي ” جلسي“ کي واقعي سنجيده ناهي ورتو، اهو جلسو نه بلڪه اجتماعي ماتم هو، عمران اونچي اونچي آواز ۾ روئيندو رهيو، مون کي معاف ڪري ڇڏيو، مون کي ٻيهر اقتدار ڏياريو، منهنجا ڪيس سچا آهن، مون کي سزا کان بچايو، هن چيو ته مريم اورنگزيب روز توهان جي اوقات ۽ اصليت ياد ڪرائيندي آهي، ان ڪري خراب ته لڳندي. ناليواري صحافي عاصمه شيرازي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري پاران اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب خلاف اڻوڻندڙ زبان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته خدا جي واسطي اختلافن کي دشمني نه بڻايو، ناليواري اينڪر ۽سينئر صحافي عاصمه شيرازي به فواد چوڌري جي ان بيان جي مذمت ڪندي چيو ته اختلاف توهان جو حق آهي، چوڌري صاحب پر اها زبان مذمت جوڳي آهي، عاصمه جي ان ٽوئيٽ تي فواد چوڌري لکيو ته عاصمه توهان جو شڪريو، پر اهو سبق پنهنجي دوست کي سيکاريو، عورت طور کيس ڪنهن خلاف گندي زبان استعمال ڪرڻ جو لائسنس نٿو ملي، بس گهڻو ٿي ويو، بحث ۾ پي ٽي آءِ جي شيرين مزاري به حصو وٺندي مريم اورنگزيب کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته هڪ اهڙي عورت جيڪا مريم نواز جي نمائنده آهي، پنهنجي بازاري زبان سان هڪ اهڙي شخص خلاف غليظ زبان استعمال ڪري ٿي جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، پر جڏهن هڪ مرد گندي زبان استعمال ڪرڻ کان بغير ان جو جواب ڏئي ٿو ته اهو عورتن جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو، صحافي حامد مير به بحث ۾ حصو وٺندي ٻئي مسئلي تي ڳالهه ڪئي، هن لکيو ته ٽي وي تي پابندي لڳائي واقعي بيانيو نٿو بڻجي پوءِ اڄ ٻڌائي ڇڏيو ته توهان جي حڪومت ۾ صحافين تي پابنديون ڪير لڳائيندو هو؟ صدر مملڪت کان پيڪا ترميمي آرڊيننس ڪير جاري ڪرائيندو هو؟ فواد چوڌري ان جي جواب ۾ ٽوئيٽ ڪيو ته باجوا صاحب نه ٻڌايو هو؟ ٻيهر ٻڌائڻو آهي؟ نوڪريون ڪيئن ڏياريندو هو ،اهو به ٻڌايو آهي،