اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف مفت اٽي لاءِ ايندڙ شهرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه آچر ڏينهن ملتان ۾ مفت اٽي جي ورهاست واري هنڌ اسپورٽس گرائونڊ جو اوچتو دورو ڪيو. وزيراعظم شهرين کان اٽي جي فراهمي ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۽ مفت اٽي سينٽر تي ڏنل سهولتن جي باري ۾ پڇا ڪئي. وزيراعظم مفت اٽو ورهائڻ جي عمل جو جائزو ورتو ۽ شاندار انتظامن تي ضلعي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم مفت اٽي جي سينٽر تي خصوصي ماڻهن لاءِ قائم ڊيسڪ تي به ويو ۽ خصوصي ماڻهن مفت اٽي جي فراهمي تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم عوامي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ مقامي انتظاميه کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته مفت اٽي لاءِ ايندڙ شهرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن، خاص ڪري وڏي عمر وارن، اسپيشل ماڻهن ۽ عورتن جو خاص خيال رکيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ شهرين کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، ڪمشنر ملتان عامر خٽڪ ۽ ريجنل پوليس آفيسر سهيل احمد پڻ موجود هئا.