ناليواري ڀارتي اداڪارا جو هوٽل مان لاش هٿ، مبينا آپگهات جون خبرون

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري اداڪارا مبينا طور تي هوٽل ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي نئين گاني جي رليز واري ڏينهن تي ورانسي جي هوٽل جي ڪمري مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

ڀارتي خابرو اداري جي موجب بوجپوري فلمن جي اداڪارا اڪانشا ڊوبي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو جڏهن ته اڄ ئي سندس نئون گانو رليز ٿيو آهي.

گذريل ڏينهن اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام تي ڊانس جي وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ کيس ڪارو لباس پهريل هو، هڪ هٿ ۾ فون پڪڙي رڪارڊنگ ڪري رهي هئي، ان وڊيو ۾ هوءَ هڪ ڀوجپوري گاني تي بيلي ڊانس جا اسٽيپ ڪري رهي هئي

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اڪانشا ڊوبي جي مرڻ جو حتمي سبب ته سامهون ناهي آيو پر سندس اداڪار سمر سگنهه سان لاڳاپن جا افواهه ڦهلجي رهيا هئا، جڏهن ته گذريل مهيني ويلنٽائنز ڊي جي موقعي تي اداڪارا پنهنجي هڪ پيغام سان به تصوير شيئر ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.