بصر جا ست قسم، استعمال ڪيئن ڪجن؟ هڙني جا فائدا هڪٻئي کان وڌيڪ

اسان وٽ بنا بصرن جي کاڌا پچائڻ جو تصور گهٽ ئي ڪري سگهجي ٿو، بصر ڀلي سستا ملن يا مهانگا پر ٿورا گهڻا هر حال ۾ هر کاڌي ۾ ضرور وڌا ويندا آهن. ڇو ته بصر کاڌي جو اهم جز بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جا پنهنجا ڪيترائي فائدا پڻ آهن. بصرن کي مختلف طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي جهڙوڪ ٻوڙ ۾ سلاد ۾ ۽ پڪوڙن وغيره ۾.

بصرن جي استعمال بابت ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي آهي ته اهي چانور چاڙهڻ کان اڳ داڳ ڪرڻ لاءِ به انتهائي ضروري هوندا آهن پر اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته بصرن جا ست قسم آهن. جڏهن ته هر ڊش ۾ بصرن جو استعمال انهن جي قسم جي حوالي سان ڪجي ته ذائقو ۽ فائدا بهترين ملندا آهن.

بنا دير ڪرڻ جي اسان اچون ٿا بصرن جي قسمن تي جن بابت توهان کي خبر هئڻ ضروري آهي.

ڦِڪا بصر

بصرن جو اهو قسم سڀني کان عام قسم آهي جيڪو هر هنڌ سولائي سان ملي وڃي ٿو. ان جي ٻاهرين خشڪ کَل ڀوري رنگ جي هوندي آهي جڏهن ته اندريون حصو هلڪي اڇي رنگ جو ۽ آلو هوندو آهي. جنهن جي تيز ۽ اکين ۾ چڀندڙ خوشبو هوندي آهي. بصرن جي ان قسم ۾ نشاستو ججهي مقدار ۾ هوندو آهي جنهن جي ڪري اهو پچائڻ ۽ گڏجڻ ۾ دير ڪندو آهي. انڪري عام طور تي انکي فراءِ ڪرڻ واري حالت ۾ استعمال ڪرڻ سولو هجي ٿو انکانسواءِ ان جو پلاءَ ۾ استعمال تمام بهترين هوندو آهي، جڏهن ته حليم وغيره ۾ ان جو استعمال به بهترين فائدن واري هجي ٿو.

ڳاڙها بصر

اهي بصر پنهنجي ڳاڙهاڻ ۽ گلابي رنگ جي ڪري صحيح نموني سڃاتا ويندا آهن. پنهنجي رنگ ۽ مٺاڻ جي ڪري عام طور تي انهن بصرن جو استعمال سلاد، برگرد وغيره ۾ گهڻو بهتر هوندو آهي. انکانسواءِ انهن بصرن جي کٽاڻ به تمام سُٺي ٿيندي آهي ۽ عام طور تي ان بصرن کي کاڌي سان گڏ کائڻ بدران ڪچو کائڻ سان گهڻا فائدا ماڻي سگهجن ٿا.

اڇا بصر

انهن بصرن جي کَل اڇي رنگ جي هوندي آهي جنهن جي مٿان اڇا دڙڳ به هوندا آهن اهي بصر ذائقي جي حساب سان تمام سُٺا هوندا آهن، انهن کي مختلف قسمن جي ساسز ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي اهي سولائي سان گڏجي ويندڙ بصر هوندا آهن انهن کي جيڪڏهن بصرن ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اهي جلدي گڏجي ته ويندا آهن پر انهن جو مٺاڻ ٻوڙ جي ذائقي کي مٺو ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو ٻين ٻوڙن جي ڀيٽ ۾ ذائقيدارن ناهي لڳندو. انکانسواءِ ان جو استعمال فرنچ سوپ ۾ به ڪيو ويندو آهي.

مٺا بصر

انهن جو ڇِلڪو وڻندڙ سونهري رنگن جو هوندو آهي اهي سائيز جي حوالي سان وڏا ۽ وزن ۾ وري هلڪا هوندا آهن انهن جي خاصيت انهن جو مٺو ذائقو هوندي آهي. انهن جون رنگز ٺاهي فرائي ڪري کاڌيون وينديون آهن، مٺا هجڻ جي ڪري انهن کي ڪچو به استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته انهن بصرن جا پڪوڙا تمام سُٺا ٿيندا آهن.

ساوا بصر

انهن بصرن کي ڪچا بصر به چيو ويندو آهي جيڪي سائي ٻونڊين يا پڇن سان گڏ هوندا آهي اهي به تمام تيز ذائقي سان گڏ تِکي ذائقي وارا هوندا آهن. انهن کي عام طور تي آمليٽ ۽ سينڊوچ وغيره ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي انکانسواءِ انهن جو استعمال اٻاريل چانورن وغيره ۾ به ٿئي ٿو. ٻهراڙي جي علائقن ۾ موسم اچڻ جي ڪري انهن کي هر ٻوڙ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪي بهترين ذائقي سان گڏ فائدن وارا هوندا آهن.

گندنا(ليڪس)

اهي وري پنن وارا سائي رنگ جا بصر ۽ ڏانڊيون هونديون آهن جن جون منڍيون اڇيون ۽ پَن ساوا هوندا آهن، انهن بصرن کي هر سبزي سان خاص ڪري پڪل سبزين سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهي ڪبابن ۽ ٻين شين ۾ استعمال ۾ به تمام وڻندڙ ۽ فائدن وارا هوندا آهن.

اتلي (شيلوٽ)

اهي لمبوتري صورت جا بصر هوندا آهن جن جي کَل ڀوري ۽ اندران گلابي رنگ جا ٿين ٿا گڏ ڳنڍيل ڪيترين ئي بونڊين وارا هوندا آهن. انهن جي خوشبو گهڻي تيز ۽ ذائقو به گهڻو تيز هوندو آهي. انڪري انهن جو استعمال تمام گهٽ ٿيندو آهي، تنهن هوندي به فرائيڊ چڪن جي ڊشز ۾ ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ انهن کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.