عمري جي پانڌيئڙن لاءِ نئون هدايت نامو جاري

مڪو شريف( ويب ڊيسڪ ) عمري جي پانڌيئڙن کي مسجد الحرام وڃڻ مهل سامان گڏ نه کڻي وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اِها هدايت سعودي شهري دفاع طرفان جاري ڪئي وئي آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته سامان سبب ڏکيائي ۽ بين کي پريشاني ٿيندي آهي.

ان حوالي سان انتظاميا عورتن جي رهنمائي لاءِ عورت اهلڪار به مقرر ڪري ڇڏيون آهن.

حرمين انتظاميا موجب، اردو، انگريزي، ترڪ، فارسي، فرانسيسي ۽ ازبڪ ٻولين ۾ گائيڊ عورتن پڻ مقرر هونديون.

انکانسواءِ انتظاميا طرفان اِهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته عمري جي ادائيگي لاءِ ايندڙ عورتن جي سهولت لاءِ اچ وڃ لاءِ وڌيڪ لنگهه ٺاهيا ويا آهن، مسجد الحرام جي اندر ۽ ٻاهر 68 مصلا تيار ڪيا ويا آهن ۽ 22 دروزا مختص ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.